ابن النديم: ابوالفرج محمد بن اسحاق النديم الوراق البغداديءَ 385ھہ/995ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڄم جو سن نہ ٿو ملي ۽ نہ ئي سندس حياتيءَ جو احوال معلوم آهي، پر لفظ ’وراق‘ مان خبر پوي ٿي تہ هو ڪتابن جو ڪاروبار ڪندو هو، هن 377ھہ/987ع ۾ عربي ڪتابن جي جامع فهرست شايع ڪئي، جيڪا پوءِ ’فهرست ابن النديم‘ يا ’الفهرست‘ جي نالي سان مشھور ٿي. فهرست ۾ اهي سڀ ڪتاب شامل آهن، جيڪي انهيءَ عھد ۾ عربي ٻوليءَ ۾ موجود هئا، يا ٻين ٻولين مان ترجمو ٿي عالم اسلام ۾ شامل ٿي ويا هئا. هن علم جي هر شاخ لاءِ الڳ باب لکيو ۽ ان فن جي مختصر تاريخ بيان ڪرڻ کان پوءِ سڀني مشھور مصنفن ۽ انهن جي تصنيفن کي تاريخ وار ترتيب سان لکيو.
ابن النديم ان وقت جي سنڌ جي ماڻهن جي حالت، ثقافتي ۽ سماجي پهلوئن، وڻج واپار ۽ ٻوليءَ لاءِ مستعمل رسم الخط جو بہ ذڪر ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ لکيو اٿس تہ اُن جا تقريباً ٻہ سؤ رسم الخط آهن. ’الفهرست‘ چوٿين صدي هجريءَ جي ادبي ۽ علمي ترقيءَ جو مڪمل آئينو آهي.