ابن الياس سومرو

ابن الياس سومرو

ابن الياس سومرو

ابن الياس سومرو: ابن الياس سومري جو اصلي نالو محمد لکانو ولد محمد الياس سومرو آهي، جيڪو 15 اپريل 1925ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. تعليم سنڌي فائنل هئس. ايس. وي پرائمري ماستريءَ مان ترقي ڪري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن حيدرآباد جي پرئڪٽسنگ اسڪول جو هيڊماستر ٿي رٽائر ڪيائين. ان کان سواءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ لائبررين ۽ استاد به رهيو. سندس تصنيفن ۾ ’نئين اردو-سنڌي لغت‘ قابل ذڪر آهي. ابتدائي دور ۾ سنڌي ۽ اردو افسانا به لکيائين. هن جا سنڌي موسيقيءَ تي ٽماهي مهراڻ ۾ ڪيترا مقالا ڇپيل اٿس. اخبار تعليم ۾ به سندس ڪيترائي مضمون شامل آهن. نوٽ: الياس سومرو'>ابن الياس سومرو 3 سيپٽمبر 2013ع تي وفات ڪئي.


لفظ ابن الياس سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.04.15  عيسوي

ابن الياس سومرو: ابن الياس سومري جو اصلي نالو محمد لکانو ولد محمد الياس سومرو آهي ، جيڪو 15 اپريل 1925ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو .


2013.09.03  عيسوي

ابن الياس سومرو 3 سيپٽمبر 2013ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بختيار چنا
خير محمد سومرو
پرڀداس برهمچاري
ارشاد علي شاهه
عرفان مهدي
صالح بن عبدالرحمــٰن
چنا محمد منير
غلام حسين شيدا مخدوم
سيد ميرڪ يوسف سبزواري
دوست محمد هڪڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون