ابن تيميه

ابن تيميه: مشھور عالم ابن تيميه جو اصل نالو تقي الدين بن ابوالعباس احمد بن شھاب الدين بن شيخ عبدالحڪيم بن عبدالسلام بن عبدالله بن محمد بن الحراني الحنبلي هو. هو، جيڪو حران ۾ 10 ربيع الاول 661ھہ/ 22 جنوري 1263ع ۾ ڄائو. حران، موصل ۽ شام جي وچ ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. هو نامور فقيھہ، مفسر، محدث، متڪلم ۽ مجاهد هو. ڇھہ پيڙهيون اڳ سندس خاندان ۾ هڪ خاتون تيميه نالي، علم ۽ فضل ۾ باڪمال هئي، ان جي نسبت سان هي خاندان مشھور ٿيو. پنجن سالن جو هو جو ابن تيميه جو گهراڻو حران کان دمشق لڏي آيو. سندس حافظو ڪمال درجي جو هو. ڪتاب هڪ دفعو پڙهڻ سان ئي حفظ ٿي ويندو هوس. هن 20 سالن جي عمر ۾ قرآن، فقہ ۽ مناظري ۾ مهارت حاصل ڪئي. والد جي مرڻ کان پوءِ تدريس ۽ فتويٰ جي مسند تي ويٺو. سڄا سارا 44 سال اسلام جي خدمت ۾ گذاريائين. شادي بہ نہ ڪيائين. هن اهڙي دور ۾ جنم ورتو، جڏهن اسلام ۾ ڪيترائي فرقا ظاهر ٿي چڪا هئا ۽ بدعتون عام ٿي چڪيون هيون. مسلمان اسلام جي صحيح تعليم کان ڪٽجي ويا هئا، تاتارين جي حملن سبب علم ۽ تھذيب جا مرڪز تباھہ ٿي چڪا هئا. ان ڪري تاتارين ۽ ڪن ٻين بدعنوان گروهن جي خلاف زبان ۽ قلم ذريعي جهاد ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائون. مخالفن جي غلط الزامن جي ڪري مصر ۽ دمشق ۾ ڪيترائي ڀيرا قيد ٿيو. زندگيءَ جا پويان ٻہ سال پڻ قيد ۾ گذاريائين، مٿس ڪفر ۽ الحاد جون فتوائون بہ نڪتيون. ساڻس گڏ سندس ٻہ سڳا ڀائر ۽ سندس شاگردن مان حافظ ابن قيم شامل هئا. سندس ننڍي ڀاءُ قيد ۾ ئي وفات ڪئي، جنهن جي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بہ ابن تيميه کي اجازت نہ ملي.
قيد ۾ پڻ تصنيفات جو سلسلو جاري رکيائين. هر مسئلي تي ڪتاب ۽ سنت جون شاهديون حافظي جي زور تي پيش ڪندو رهيو. آخرڪار کانئس مس ۽ قلم کسيا ويا تہ ڪي شيون ڪوئلي سان پڻ لکيائين. 27 سيپٽمبر 1328ع تي دمشق ۾ وفات ڪيائين. وفات کان اڳ انهن سڀني کي معاف ڪيائين، جن کيس تڪليفون پهچايون هيون. سندس جنازي ۾ ٻہ لک ماڻهو شريڪ ٿيا هئا، جن ۾ 15 هزار رڳو عورتون هيون. سندس تصنيفات ۾ قرآن پاڪ جو تفسير، حديث، فقھہ، نحو، لغت، رياضي وغيرہ جا موضوع شامل آهن، جن جو تعداد 500 کن آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب وري وري ڇپيا آهن. مثلاً: ڪتاب الايمان، اقتضاد المراط، الصراط المستقيم، منهاج السنه، الجواب الصحيح، ڪتاب الرد علي المتقين، تفسير سوره اخلاص، تفسير سوره نور، رسائل الکبريٰ (ٻہ جلد)، فتاويٰ (پنج جلد)، وغيرہ. پاڻ شاعري
بہ ڪندو هو.


لفظ ابن تيميهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0661.03.10  هجري

ابن تيميه: مشهور عالم ابن تيميه جيڪو حران ۾ 10 ربيع الاول 661هه/ 22 جنوري 1263ع ۾ ڄائو


1263.01.22  عيسوي

ابن تيميه جيڪو حران ۾ 10 ربيع الاول 661هه/ 22 جنوري 1263ع ۾ ڄائو


1328.09.27  عيسوي

ابن تيميه کان مس ۽ قلم کسيا ويا ته ڪي شيون ڪوئلي سان پڻ لکيائين . 27 سيپٽمبر 1328ع تي دمشق ۾ وفات ڪيائين .



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي عيسيٰ ساندائي محدث
ابوالحسن ڏاهري
احسن جوکيو
فضل رحيم سومرو ڊاڪٽر
شيخ ورو
ابنِ مقله بيضاوي
عبدالله بن وهب علامہ
آخوند ﷲ بخش ڀٽي سيتائي
ذاڪري سيد محمد شاھہ
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون