ابن رشد: اندلس جو هي مشھور معروف عالم، فاضل، فلسفي، فقہ ۽ حاذق حڪيم ابوالوليد محمد بن احمد بن محمد المعروف ”ابن رشد“ 9 صفر المظفر 560 ھہ (1164ع) تي قرطبه ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان وڏيءَ پھچ وارو ۽ علم دوست هو. اهڙي سلجهيل ماحول ۾ ابن رشد، ابتدائي سکيا سان گڏ فقہ ۽ طب ۾ پڻ خاصي مهارت حاصل ڪئي. وڌيڪ سمجهہ ڀريو ٿيڻ سان مشھور فلسفي ۽ طبيب ابن طفيل (1101- 1158ع) جي مشوري موجب مراڪش ويو، جتي سرڪاري اعزازن سان سرشار ٿيو ۽ سندس ئي صلاحن سان ارسطو (384- 322 ق.م) جي مشھور ڪتابن جون شرحون لکڻ لڳو.
ابن رشد، ڪجهہ وقت لاءِ آشبيله ۽ قرطبه ۾ ”قاضي“ بہ ٿي رهيو. مراڪش جي سلطان ابن يوسف کيس 578 ھہ/ 1182ع ۾ شاهي خاندان جو طبيب مقرر ڪيو. ستت ئي سندس صلاحيتن جي واکاڻ وڌي، جنهنڪري قرطبه ۾ ”قاضي القضات“ جي ڪرسي سنڀاليائين. پاڻ هڪ وڏو داناءُ ۽ بردبار شخص هو، جنهنڪري ارسطو (Aristole) جي علمي، ادبي ۽ فلسفيانه نظرين جي شرحن لکڻ کان علاوہ ”افلاطون“ (427 ق. م/ 347 ق. م) جي جڳ مشھور ڪتاب ”جمهوريت“ جي شرح بہ قلمبند ڪيائين. ان کانسواءِ امام غزاليرح (1058-1111ع) جي جواب ۾ ”تهافته التهافته“ نالي ڪتاب بہ لکيائين. اهڙيءَ طرح فقہ جي سلسلي ۾ ”ندايته المجتهد“، طب ۾ ”الڪليات“ ۽ مذهب ۽ فلسفي جي موافقت ۾ وري ”فصل المبقال“ ۽ ”ڪشف المناهج“ نالن سان ڪتاب بہ لکيائين، جيڪي سندس غير فاني شاهڪار ڪتاب چيا وڃن ٿا. سندس اها دعويٰ هئي تہ ”حقيقت ۾ مذهب فلسفي حقيقتن جو چِٽو اظهار آهي، جنهن جي مخالفت مسلمان عالمن توڙي عيسائي پادرين وڏي زور شور سان ڪئي آهي.“ پاڻ عقليت پسند وحدت الوجودي هو ۽ اجتماعي عقل کي اخلاق جو معيار قرار ڏئي ٿو.
هڪ اندازي مطابق ابن رشد چاليھہ ڪتاب قلمبند ڪيا. 1198ع ۾ جيل مان آزاد ٿي ٻيهر تصنيف ۽ تاليف کي پنهنجو مشغلو بڻايائين. سلطان منصور سندس جوڳو قدر ڪندي کيس وڏي عزت وارو مرتبو ڏنو. آخر ٿورن ڏينهن بعد 595 ھہ/ 1198ع ۾ وفات ڪيائين. سندس لکيل ڪتاب جيتوڻيڪ اڄ ڏسڻ لاءِ بہ موجود نہ آهن، صرف دنيا جي مختلف زبانن ۾ انهن جا ترجما، سندس ياد تازي ڪندا رهن ٿا. ان ۾ ڪو بہ مبالغو نہ آهي، تہ علم جي اعتبار کان، مشھور فلسفي ارسطو کان پوءِ ابن رشد کي اهميت حاصل آهي.
1164.00.00 عيسوي
ابن رشد 1164ع تي قرطبه ۾ پيدا ٿيو
1198.00.00 عيسوي
ابن رشد 1198ع ۾ وفات ڪئي