ابن صفي

ابن صفي

ابن صفي

ابن صفي: اردو ٻوليءَ ۾ جاسوسي ناولن جون سيريز لکندڙ ناليواري ليکڪ جنهن جو اصل نالو اسرار احمد هو. هو سن 1928ع ۾ الھہ آباد هندستان ۾ ڄائو. هن آگرا يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي. 1947ع ۾ پاڪستان لڏي آيو. سندس ناولن جون ٻہ سيريز ’عمران سيريز‘ ۽ ’جاسوسي دنيا‘ (ڪرنل فريدي ۽ ڪيپٽن حميد جي ڪردارن سان ) سموري ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ پڙهندڙن جو وڏو حلقو پيدا ڪيو. هن ’جاسوسي دنيا‘ جا ’125 ۽ ’عمران سيريز‘ جا 120 ڪتاب لکيا ۽ هر هڪ ڪتاب هزارن جي تعداد ۾ ڇپجڻ باوجود بليڪ تي وڪبو هو ۽ ماڻهو سندس نئين ڪتاب جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندا هئا. هنن جاسوسي ناولن ۾ مھم جوئيءَ، تجسس، رومانس توڙي مارا ماريءَ کان سواءِ طنز ۽ مزاح جو زبردست عنصر هوندو هو. اهو ئي سبب هو، جو نوجوان طبقو انهن ناولن کي ڏاڍي چاھہ سان پڙهندو هو. سندس لکيل، ”عمران سيريز“ تي مبني هڪ فلم ’ڌماڪا‘ جي نالي سان مولانا هپيءَ (محمد حسين ٽالپر) ٺاهي هئي جنهن ۾ مشھور اداڪار جاويد شِخ (جيڪو پڻ پراڻي ڪراچيءَ جو رهواسي هئڻ ڪري سنڌي آهي)، پهريون ڀيرو هڪ ڪردار ادا ڪيو ۽ خود مولانا هپيءَ بہ ان فلم ۾ اداڪاري ڪئي. ان فلم ۾ ابن صفيءَ جو لکيل غزل ’راھہ طلب ۾ ڪون ڪسي ڪا‘ حبيب ولي محمد ڳايو هو، جيڪو گهڻو مشھور ٿيو. . ابن صفيءَ 1980ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.00.00  عيسوي

ابن صفي: اردو ٻوليءَ ۾ جاسوسي ناولن جون سيريز لکندڙ ناليواري ليکڪ جنهن جو اصل نالو اسرار احمد هو . هو سن 1928ع ۾ الهه آباد هندستان ۾ ڄائو .


1980.00.00  عيسوي

ابن صفيءَ 1980ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حامد علي مرزا جسٽس
آفتاب سومرو
قاضي نذير پروفيسر
غلام حسين مور
نارائڻ جگن ناٿ وئديه
پير جهنڊو
سچل جنجهي
اندو شاهاڻي
عقيلي اين ايم
دراني آغا عطا محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون