ابواسحاق ابراهيم سنڌي موصلي

ابواسحاق ابراهيم سنڌي موصلي: ابواسحاق ابراهيم بن نصر بن عسڪر، فقہ شافعيءَ جو، سلامه شھر (موصل علائقي) جو قاضي هو. هيءُ نسلي طرح سنڌي هو. پنھنجي وقت جو عالم ۽ هڪ ڪامل درويش ٿي گذريو آهي. سندس وڏا عباسي دؤر ۾ سنڌ مان بغداد لڏي ويا ۽ سنڌي عالمن جي نالي سان ئي سندن سڃاڻپ قائم رهي. هن بغداد جي نظاميه ڪاليج ۾ تعليم ورتي ۽ ان کان پوءِ سرڪاري طرح سلامه شھر جو قاضي مقرر ٿيو. هيءُ هڪ وڏو شاعر، عالم ۽ بزرگ هو. 3 ربيع الثاني 610ھہ/1213ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0610.04.03  عيسوي

ابواسحاق ابراهيم سنڌي موصلي 3 ربيع الثاني 610هه/1213ع ۾ وفات ڪيائين .



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طحاوي رحه امام
عبدالصمد نورنگزادو مخدوم
شنڪر آچاريا
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
سيد حيدر شاھہ1
سيد فيض ﷲ شاھہ جيلاني
شيخ محمد عابد انصاري سيوهاڻي
ايل وي پرانچبي
شيخ فتح محمد
الياس عطار قادري
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون