ابوالبشير ميمڻ

ابوالبشير ميمڻ ’ناچيز ‘جو اصلي نالو حاجي نوراحمد ولد محمد هاشم ميمڻ. پيدائش 26 آڪٽوبر 1916ع، ڳوٺ ڇڄڙا، تعلقو قنبر، ضلعو لاڙڪاڻو. سنڌي فائنل ۽ ٻه درجا انگريزي پڙهڻ کان پوءِ سب انسپيڪٽر پوليس ٿيو. تخلص ’ناچيز‘ رکيائين. سندس تصنيفون هيٺيون آهن: (1) فضائل نماز (1957ع)، (2) اسلام ۽ عقليات: 2 حصا (1965ع)، (3) اسان جو قائداعظم (1966ع)، (4) مضامين نور، (5) مناجات، (6) گلشن حقيقي، (7) فضائل صدقات، (8) شيرين فرهاد، (9) يوسف زليخا، (10) تحفته السلام، (11) اسلامي زندگي، ۽ (12) فرانس جي تاريخ.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.08.26  عيسوي

ابوالبشير ميمڻ ’ ناچيز ‘ : اصلي نالو حاجي نوراحمد ولد محمد هاشم ميمڻ . پيدائش 26 آڪٽوبر 1916ع ، ڳوٺ ڇڄڙا ، تعلقو قنبر ، ضلعو لاڙڪاڻو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رائچند هريجن
شهناز شيخ
شمس الدين شيرازي بکري
ماسٽرغلام علي موسيقار
ابن سينا
اي ڪي بروهي
اصغر سنڌي
پشپا مالهي
خواجه احمد عباس
رضا رباني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون