ابوالحسن جي سنڌي (ڪتاب ): مخدوم ابوالحسن ولد عبدالعزيز جي فقہ جي موضوع تي (نماز، روزي، وضو وغيرہ جي مسئلن بابت) تصنيف، جنهن جو اصل نالو ’مقدمة الصلواة‘ آهي. اصل ۾ قلمي مخطوطو هو، جنهن کي پروفيسر خديجہ بلوچ پهريون ڀيرو ايڊٽ ڪيو، ۽ سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ 1993ع ۾ ڇپايو. ڪتاب جو ملھہ پنجاھہ رپيا آهي. فضلي سنز (پرائيويٽ) لميٽيڊ ڪراچيءَ جي پريس مان ڇپيو.