ابوالحسن ڪبير سنڌي

ابوالحسن ڪبير سنڌي: محمد بن عبدالهادي ’ابوالحسن ڪبير سنڌي‘ سنڌ مان هجرت ڪري مديني شريف ۾ وڃي رهيو. مديني پاڪ ۾ ’الشفا‘ نالي مدرسو قائم ڪيائين. سندس ڪيترائي شاگرد مشهور ٿي گذريا آهن. محمد حيات سنڌي انهن مان وڌيڪ مشهور ٿيو. سندس لقب نورالدين ۽ ڪنيت ’ابوالحسن سنڌي‘ آهي. هن بزرگ جا حديث جي ڪتابن تي حاشيا لکيل آهن. تفسير لطيف ۽ تفسير بيضاوي ڪتابن تي حاشيه سندس علميت جو واضح دليل آهن. هن ناليواري بزرگ جي وفات 12 شوال 1139هه/ 22 مئي 1727ع تي ٿي. هي ٺٽي جو سنڌي بزرگ، جنت البقيع ۾ دفن ٿيل آهي. سندس مقبوليت جو اندازو هن ڳالهه مان ملي ٿو ته سندس انتقال جي ڪري مدينو شهر هڪ ڏينهن بند رهيو.


لفظ ابوالحسن ڪبير سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1727.05.22  عيسوي

هن ناليواري بزرگ محمد بن عبدالهادي ’ابوالحسن ڪبير سنڌي‘ جي وفات 12 شوال 1139هه/ 22 مئي 1727ع تي ٿي. هي ٺٽي جو سنڌي بزرگ، جنت البقيع ۾ دفن ٿيل آهي. سندس مقبوليت جو اندازو هن ڳالهه مان ملي ٿو ته سندس انتقال جي ڪري مدينو شهر هڪ ڏينهن بند رهيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيجورام شرما
مخدوم عبدالغفور سيوستاني
ڀڳت سنگهه
چنڙ بشير احمد ڊاڪٽر
استاد انور علي سانگي
برهان الدين قطب عالم
رسول بخش خان مغل
آچر گاڏي
ڌرمپال اگروال
پيرزادو حاجي محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون