ابوالطيب سنڌي: شيخ ابوالطيب محمد بن عبدالقادر سنڌي مشهور عالم ۽ محدث هو. پاڻ گهڻو عرصو مديني منوره ۾ رهيو، جتي حديث جي تڪميل ڪري وڏو محدث ۽ عالم ٿيو. پاڻ مسلڪ جي لحاظ کان حنفي ۽ سلوڪ جي لحاظ کان نقشبندي هو. سندس مديني پاڪ ۾ تمام وڏو مدرسو هو، جتان ڪيترن ئي عالمن فيض پرايو. پاڻ حديث ۽ فقهه تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين. 1144هه/1731ع ۾ مديني پاڪ ۾ وفات ڪيائين. جنت البقيع جي قبرستان ۾ مدفون آهي.
1731.00.00 عيسوي
1144هه/1731ع ۾ مديني پاڪ ۾ وفات ڪيائين. جنت البقيع جي قبرستان ۾ مدفون آهي.