ابوالعباس محمد بن محمد بن عبدالله وراق ديبلي

ابوالعباس محمد بن محمد بن عبدالله وراق ديبلي: ابوالعباس محمد بن عبدالله وراق، ديبل جو رهاڪو هو. وڏو عالم ۽ صالح ٿي گذريو آهي. حديث جي علم ۾ سَنَدَ حاصل ڪيائين. مشھور محدث امام حاڪم ابو عبدالله الحافظ پڻ هن سنڌي عالم جو شاگرد هو. ابوالعباس ديبليءَ 345ھہ/956ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو