ابوالفضل

ابوالفضل: اڪبر اعظم جي درٻار جو رتن، ابوالفضل، سنڌ جي شهر سيوهڻ جو ويٺل هو. 6 محرم 958هه/ 14 جنوري 1515ع ۾ ڄائو. پنهنجي والد شيخ مبارڪ کان تعليم ورتائين. مضمون جي صنف ۾ وڏو ڪمال حاصل ڪيائين. 981هه/1573ع ۾ اڪبري درٻار سان وابسته ٿيو. تحرير جي ڪمال ۽ خلوص سبب خاص صلاحڪار مقرر ٿيو، پر هن جو عهدو ٽن هزار سپاهين جي سالار کان اڳتي نه وڌيو. اڪبر بادشاهه جڏهن ’دين الاهي‘ جوڙيو ته ان آزاد خيال دين جي سماجي، معاشي، اقتصادي ۽ زندگيءَ جي مختلف رُخن جي قانونن جوڙڻ ۾ هن رهنما جو ڪردار ادا ڪيو. اڪبر بادشاهه آخري دؤر ۾ هن کي حيدرآباد دکن موڪلي ڇڏيو، جتان واپسيءَ تي، شهزادي سليم جي مرضيءَ موجب هڪ نوڪر ’ٻنڌيله رئيس‘، گواليار کان پنجن ڪوهن جي مفاصلي تي انتري وٽ ربيع الاول 1011هه/22 آگسٽ 1602ع ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيو. سندس بنا منڍيءَ وارو لاش آگري ۾ دفن ٿيو.
ابوالفضل جي تصنيفن مان ’اڪبر نامو‘(3جلد)، ’آئين اڪبري‘، ’انشاء ابوالفضل‘ (ٽي مجموعا) مشهور آهن. ’عيار دانش‘ به هن جي تصنيف ٻڌائي وڃي ٿي. فارسي تحرير ۾ اڄ به هن کي ساراهيو وڃي ٿو. هيءُ اڪبر بادشاهه جي نون رتنن مان هڪ هو.


لفظ ابوالفضلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1515.01.14  هجري

6 محرم 958هه/ 14 جنوري 1515ع ۾ ڄائو


0958.01.06  عيسوي

6 محرم 958هه/ 14 جنوري 1515ع ۾ ڄائو


1602.08.22  عيسوي

شهزادي سليم جي مرضيءَ موجب هڪ نوڪر ’ ٻنڌيله رئيس ‘ ، گواليار کان پنجن ڪوهن جي مفاصلي تي انتري وٽ ربيع الاول 1011هه/22 آگسٽ 1602ع ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيسينه جئه سينه
اظهار قاضي
بيگم غلام حسين هدايت الله
حفظ الله خان نواب
پلي حاجي محمد عالم وڏيرو
سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙ عالم ۽ محقق
جمن چارڻ
خفيف III
حبيب الله خطاط
اسلم تنيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون