ابوالقاسم سلطان ٺٽوي

ابوالقاسم سلطان ٺٽوي: مشھور فاتح ۽ سپھہ سلار مير ابوالقاسم خان زمان جي گهر ۾ 960ھہ (1552ع) ۾ پيدا ٿيو. هو پنھنجي والد وانگي بهادر، خود سر ۽ سخي مرد هو. پاڻ سٺو شاعر بہ هو، سندس تخلص ”بيگلار“ هو. ترخان گهراڻي جو جڏهن خاتمو ٿيڻ لڳو ۽ مرزا جاني بيگ اڪبري درٻار ۾ وفات ڪري ويو. تڏهن ابوالقاسم سلطان، مرزا جي فرزند مرزا غازي بيگ کي، جو سندس ناٺي بہ هو، هڪ خط لکيو تہ ملڪ جون حدون مقرر ڪيون وڃن. جنهن کان پوءِ مرزا غازي بيگ ساڻس جنگ جو اعلان ڪيو. آخر ملاڪاتيار وٽ ٻنهي فوجن جون ڇانوڻيون لڳيون، پر جنگ شروع ٿيڻ کان اڳي مرزا غازي بيگ فريب تحت پنهنجا ماڻهو موڪلي صلح جو پيغام ڏنو ۽ پاڻ وٽ اچڻ لاءِ چيائين. هي بھادر اڪيلي سر انهن ماڻهن سان گڏ ويو تہ ٻيڙيءَ ۾ غازي بيگ جي ماڻهن مٿس حملو ڪري چوکنڀو ٻڌي اچي کيس غازي بيگ اڳيان پيش ڪيو. غازي بيگ سندس ٻئي اکيون ڪڍي ٺٽي جي هڪ محل ۾ جيڪو واھہ جي ڪناري تي هو، بند ڪرائي ڇڏيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ اتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر بچي نہ سگهيو ۽ 70 سالن جي ڄمار ۾ 1030ھہ/1620ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1620.00.00  عيسوي

ابوالقاسم سلطان ٺٽوي: غازي بيگ ٺٽي جي هڪ محل ۾ جيڪو واهه جي ڪناري تي هو ، بند ڪرائي ڇڏيو . ڪجهه وقت کان پوءِ اتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين ، پر بچي نه سگهيو ۽ 70 سالن جي ڄمار ۾ 1030هه/1620ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جت ونهيون فقير سالاراڻي
آصف نواز جنجوعا
بچل شاھہ مياڻي وارو
شيخ الڀو ٺٽوي
صدر پاڪستان
عبداللطيف بنگلزئي حاجي
جعفر خان جمالي
آريسر عبدالغفور
خانو رام ڀڳت
محمد ابراهيم ٽکڙائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون