حضرت ابوبڪر صديق رضه جي آخري آرام گاهه، رسول اڪرم ص جي ڀر ۾

حضرت ابوبڪر صديق رضه جي آخري آرام گاهه، رسول اڪرم ص جي ڀر ۾

ابوبڪر صديق رضہ

ابوبڪر صديق رضہ: اسلام جو پهريون خليفو، مردن مان سڀ کان اڳ اسلام قبول ڪندڙ، نبي اڪرم صلي عليہ وسلم جو يارِ غار ۽ سچو ساٿي، حضرت ابوبڪر صديق رضي تعاليٰ عنه هجرت کان 50 سال اڳ، مڪي شريف ۾ ’بنو تميم‘ قبيلي ۾، 572ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو عثمان بن عامر هو، جيڪو پنھنجي نالي کان وڌيڪ، پنھنجي ڪُنيت ’ابوقحافه‘ سان مشھور هو. سندس والدہ جو نالو سلميٰ بنت صخر هو ۽ سندس ڪنيت ’اُم الخير‘ ’قريش‘ جي هڪ شاخ هو.
عثمان بن عامر ’ابوقحافه‘، کي ڪو ٻار نہ بچندو هو، ان ڪري هن باس باسي تہ هاڻي جيڪو ٻار پيدا ٿيندو، تنهن جو نالو ’عبدالڪعبه‘ رکيو ويندو. ان کان پوءِ حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ جي ولادت ٿي تہ باس موجب سندس نالو ’عبدالڪعبه‘ رکيو ويو. سندس بچي وڃڻ ڪري، کيس ’عتيق‘ پڻ سڏيندا هئا. عتيق جي معنيٰ ’بچيل‘، ’آزاد‘، ’سھڻو‘، ۽ ’ڀلو‘ وغيرہ آهي. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي نيڪ ۽ سعادت مند هو. ڪوڙ ڪين ڳالهائيندو هو. جوانيءَ ۾ تجارت شروع ڪيائين. پاڻ قريش جو سردار، مدبر ۽ مشھور مالدار شمار ڪيو ويندو هو. قريشين، پنھنجي قبيلي جي هر شاخ کي هڪ مخصوص شعبو ڏنو هو، بنو تميمه قبيلي کي خون بھا ۽ ڏنڊ جون رقمون وصول ڪرڻ جو ڪم سونپيل هو. حضرت ابوبڪر جيڪو بہ ڏوھہ ڏنڊ ڪنهن تي رکندو هو، قريش اهو ڀري ڏيندا هئا، ڪنهن ٻئي جي فيصلي تي عمل نہ ڪندا هئا. سندس عدل ۽ انصاف ان وقت بہ مشھور هو.
18 سالن جي عمر ۾ حضرت ابوبڪر، پاڻ سڳورن صلي عليہ وسلم سان گڏ ڪپڙي جي تجارت سانگي شام جو سفر ڪيو. سفر دوران حضور صلي عليہ وسلم جن هڪ وڻ هيٺان ويٺا. ابوبڪر رضہ ڀرسان هڪ راهب جي مڙهيءَ ۾ لنگهي ويو ۽ کانئس ديني ڳالهيون پڇڻ لڳو. راهب کانئس پڇيو: ’وڻ هيٺان ڪير ويٺل آهي؟‘ ابوبڪر رضہ کيس نبي اڪرم صلي عليہ وسلم جي باري ۾ ٻڌايو. راهب قسم کڻي چيو تہ: ’اهو نبي آهي، ڇو تہ عيسيٰ عليہ السلام کان پوءِ، اهوئي شخص، انهيءَ وڻ هيٺان ويٺو آهي.‘ اها ڳالھہ حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ جي دل ۾ اهڙيءَ طرح ويهي وئي، جو 38 ورهين جي ڄمار ۾، جڏهن کين نبي اڪرم صلي عليہ وسلم جي رسالت جي خبر پئي تہ بنا دير ان جي تصديق ڪري، ايمان آندائون. اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن سندن نالو ’عبدالڪعبه‘ مان بدلائي، ’عبدالله‘ رکيو. روايتن مطابق مٿن ڪيترائي لقب پيا، جيئن: ’ابوبڪر‘، ’صديق‘، ’عتيق‘، ۽ ’اَواه‘ وغيره، پر ’ابوبڪر‘ لقب گهڻو مشھور ٿيو ۽ سچ ڳالهائو هجڻ ڪري، کين ’صديق‘ پڻ چوندا هئا. ڪن روايتن مطابق، حضرت ابوبڪر رضه، حضور صلي عليہ وسلم جن جي هر ڳالھہ جي بنا دير تصديق ڪندا هئا، تنهن ڪري مٿن ’صديق‘ جو لقب پيو. ان حوالي سان معراج واري واقعي جي سچائيءَ بابت پڻ حضرت ابوبڪر رضہ سڀني کان اڳ شاهدي ڏني، تنهنڪري پاڻ سڳورن کين ’صديق‘ جو لقب ڏنو.
ظهورِ اسلام کان پوءِ، حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ ئي اهو صحابي ۽ حضور صہ جن جو سچو ساٿي هو، جنهن اسلام جي تبليغ ۾ سڀ کان پهريائين وڏيون وڏيون تڪليفون برداشت ڪيون. جيتوڻيڪ حضرت ابوبڪر صديق رضه، قريش جي هڪ مالدار ۽ خوشحال خاندان سان تعلق رکندو هو، پر ايمان آڻڻ کان پوءِ، هو قريشين لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو. قريش هر حال ۾ سندس جرم (اسلام قبول ڪرڻ) معاف ڪرڻ لاءِ تيار نہ هئا. هن مجاهد، قريشين جي پرواھہ نہ ڪندي، اسلام جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ پنهنجون سموريون ڪوششون صرف ڪري ڇڏيون. خوشحال تاجر هجڻ ڪري حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ پنھنجي مال دولت کي اسلام جي ڦهلاءَ لاءِ صرف ڪري ڇڏيو. اسلام جي پهرئين بانگي، حضرت بلال حبشيءَ کي پڻ حضرت ابوبڪر رضہ خريد ڪري، آزاد ڪيو هو.
تبليغ اسلام جي ڏينهن ۾، حضور ڪريم صلي عليہ وسلم ۽ سندن پيارا ساٿي، ڪافرن جي عتاب جو شڪار ٿي رهيا هئا. اهڙيءَ صورتحال ۾ نبي اڪرم صلي عليہ وسلم ، 622ع ۾ حضرت ابوبڪر صديق سان گڏ، مڪي کان مديني ڏانهن هجرت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مديني پهچڻ کان پوءِ، حضرت ابوبڪر پنھنجي اهل عيال کي پڻ مديني گهرايو. ان بعد حضرت ابوبڪر صديق، جنگ بدر، جنگ خندق، جنگِ احد، صلح حديبيه، فتح خيبر ۽ فتح مڪه جي موقعن تي، اسلام جي بچاءَ لاءِ قربانيون ڏنيون. مڪي جي فتح وقت حضرت ابوبڪر جي والد عثمان بن عامر ’ابوقحافه‘ پڻ اسلام قبول ڪيو.
11ھہ/632ع ۾ حضور صلي عليہ وسلم جي وفات بعد کين اسلام جو پهريون خليفو مقرر ڪيو ويو. سندن عھد خلافت جي واقعن ۾ اسامہ بن زيد جي لشڪر جي روم روانگي، قرآن مجيد جي تدوين لاءِ ڪاميٽيءَ جي مقرري؛ شام ۽ عراق جي فتحن لاءِ لشڪرن جي روانگي ۽ يمامه، بصره، اجنادين ۽ مرج الصفر جون جنگيون قابلِ ذڪر آهن. پاڻ ٻہ سال ٽي مهينا ۽ يارهن ڏينهن اسلام جا خليفا رهيا. سندن عهدِ خلافت ۾ اسلام جي ترقي ۽ ترويج ٿي ۽ مسلم دنيا ۾ اسلام جو ڦهلاءُ ٿيو. سندن حڪومت ۾ ڪيترائي ملڪ فتح ڪري، اتي اسلام نافذ ڪيو ويو. 13ھہ/634ع ۾ سندن طبيعت ناساز ٿي پئي، 15 ڏينهن جي علالت بعد، 63 سالن جي عمر ۾، مغرب ۽ عشاءَ جي وچ واري وقت، 22 جمادي الثاني 13 ھہ/ 634ع تي لاڏاڻو ڪيائون. اسلام جي هن مرد مجاهد ۽ پهرئين اسلامي خليفي کي حضور صلي عليہ وسلم جي مقبري جي ڀر ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


لفظ ابوبڪر صديق رضہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0572.00.00  عيسوي

ابوبڪر صديق رضه: اسلام جو پهريون خليفو ، مردن مان سڀ کان اڳ اسلام قبول ڪندڙ ، نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جو يارِ غار ۽ سچو ساٿي ، حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه هجرت کان 50 سال اڳ ، مڪي شريف ۾ ’ بنو تميم ‘ قبيلي ۾ ، 572ع ۾ پيدا ٿيو .


0013.06.22  هجري

ابوبڪر صديق رضه 13هه/634ع ۾ سندن طبيعت ناساز ٿي پئي ، 15 ڏينهن جي علالت بعد ، 63 سالن جي عمر ۾ ، مغرب ۽ عشاءَ جي وچ واري وقت ، 22 جمادي الثاني 13 هه/ 634ع تي لاڏاڻو ڪيائون .


0634.00.00  عيسوي

ابوبڪر صديق رضه 13هه/634ع ۾ سندن طبيعت ناساز ٿي پئي ، 15 ڏينهن جي علالت بعد ، 63 سالن جي عمر ۾ ، مغرب ۽ عشاءَ جي وچ واري وقت ، 22 جمادي الثاني 13 هه/ 634ع تي لاڏاڻو ڪيائون .



خليفو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوبڪر صديق رضہ
خليفو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون