ابوجهل: ابو جهل نسبت ۾ پاڻ سڳورن جو چاچو هو. سندس اصل نالو عمرو بن هشام بن المغيره ۽ ڪنيت ”ابوالحڪم“ هئي. قريش قبيلي جي مشھور بنو مخزوم خاندان سان تعلق رکندو هو. سندس والدہ جو نالو ”ام الجلاس اسما بنت مخربته“ هو. عرب ۾ قريش جو هي قبيلو نهايت ممتاز ليکيو ويندو هو. قصي بن ڪلاب کان پهريائين قريش جا اختيار هن قبيلي جي هٿ هيٺ هئا.
ابو جهل 570ع ڌاري ڄائو. سندس ماءُ مسلمان ٿي ۽ 14 ھہ / 635ع کان پوءِ بہ حيات هئي. هجرت کان ڪجهہ عرصو اڳ ابوجهل، الوليد بن المغيره جي جاءِ تي بنو مخزوم ۽ ان جي مددگار قبيلي جو سردار هو. الوليد جي مقابلي ۾ ابوجهل، پاڻ سڳورن حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو وڏو دشمن هو، انهيءَ لحاظ کان اسلام جي سخت ترين دشمنن مان هو ۽ نهايت ئي گمراهيءَ جي راھہ تي گامزن هو. اهو ئي سبب هو جو کيس ”ابوجهل“ (جهالت، نادانيءَ جو ابو) سڏيو ويو، هي پڇاڙيءَ تائين مسلمان نہ ٿيو.
هڪ دفعي پاڻ سڳورا صہ صفا ۾ موجود هئا. ابوجهل بہ اتي اچي پهتو ۽ رسول خدا صلي ﷲ عليہ وسلم کي (نعوذ باالله) گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو. ايتري قدر جو اسلام تي وڏي واڪي ٺٺوليون شروع ڪيائين. پاڻ سڳورن کيس جواب ۾ هڪ لفظ بہ نہ چيو. عبدالله بن جدمان التميميءَ جي آزاد ڪيل ٻانهيءَ، صفا ۾ پنھنجي جاءِ ۾ ويٺي اهو رنگ ڏٺو. ابوجهل تہ واپس هليو ويو، ٿوري دير بعد پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو چاچو امير حمزورضه شڪار تان واپس ٿيندي، ڪمان ڪلهي تي رکيو، اتان لانگهائو ٿيو، نهايت دلير، باهمت ۽ طاقتور هو. قريش ۾ سندس وڏو ڌاڪو هو. جڏهن انهيءَ ٻانهيءَ جي گهر وٽ پهتو تہ ٻانهيءَ رڙ ڪري چيس تہ ”اي ابو عماره! ڪاش! توهان ٿورو اڳ اچو ها! ابو الحڪم (ابو جهل) توهان جي ڀائٽي محمد صلي ﷲ عليہ وسلم سان گستاخي پئي ڪئي، مگر محمد صلي ﷲ عليہ وسلم اف بہ نہ چيس.“
امير حمزهرضه اهو ٻڌي غصي ۾ اچي ويو. پوءِ تڪڙي وک وڌائي، ڪعبة ﷲ شريف ۾ داخل ٿيو. جيئن ئي سندس نظر ابوجهل تي پئي تہ سڌو وٽس پهچي، ڪمان سان مٿي تي زوردار ڌڪ هنيائينس. ابوجهل رتوڇاڻ ٿي پيو. پوءِ ابوجهل جا موجود ساٿي جهيڙي لاءِ اٿي بيٺا، مگر ابوجهل پنهنجو ڏوھہ باسيو، تنهن بعد ماٺار ٿي.
ابوجهل بدر جي جنگ ۾ هڪ نوجوان مسلمان جي هٿان تاريخ 2 رمضان المبارڪ سن 2ھہ مطابق مارچ 624ع تي مارجي ويو.
حضرت بيبي عائشہ الصديقه رضہ کان روايت آهي تہ ”پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم جي ارشاد مطابق مشرڪن (ڪافرن) جي لاشن کي کوھہ ۾ ڦٽو ڪيو ويو“. اهڙيءَ طرح ڪافرن جا سرڪرده عتبه بن ربيع، شيبه بن ربيع، اميه بن خلف ۽ ابوجهل بن هشام کوھہ ۾ اڇلايا ويا.
حضرت انس بن مالڪ کان روايت آهي تہ: اصحاب سڳورن، پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم جن کان آڌيءَ رات اهو آواز ٻڌو ”اي کوھہ ۾ اڇلايل! جيڪو وعدو توهان جي رب توهان سان ڪيو هو، اهو توهان پورو ڏٺو. بيشڪ اهو سچو وعدو هو، جيڪو مون سان ﷲ تعاليٰ ڪيو هو! ان تي اصحاب سڳورن کين عرض ڪيو تہ يا رسول ﷲ صه، توهان اهڙن لاشن سان ڳالهائي رهيا آهيو، جيڪي ڳري سڙي ويا آهن! ان تي پاڻ فرمايائون تہ ”جيڪو ڪجهہ مان چئي رهيو آهيان، اهي توهان کان وڌيڪ چٽو ٻڌي رهيا آهن، البته انهن ۾ جواب ڏيڻ جي طاقت باقي نہ رهي آهي“.
ابوجهل ٻہ شاديون ڪيون، ام مجالد مان حضرت عڪرمرضه، پيدا ٿيو ۽ اروي مان ٻہ ڌيئر بريهرضه ۽ حنفارضه ٿيون. اهي ٽئي پوءِ مسلمان ٿيا. ابوجهل/عمرو بن هشام علمي حوالي سان وڏو ڄاڻو هو، هن جا عربيءَ ۾ قصيدا ملن ٿا، جيڪي گنگارام سمراٽ پنھنجي ڪتاب ۾ ڏنا آهن. پر راھہ راست تي نہ اچڻ سبب سندس نالو ’ابوجهل‘ (جهل جو ابو) اسلامي تاريخ ۾ رقم ٿي چڪو آهي.
0570.00.00 عيسوي
ابو جهل 570ع ڌاري ڄائو
0624.00.00 عيسوي
ابوجهل بدر جي جنگ ۾ هڪ نوجوان مسلمان جي هٿان تاريخ 2 رمضان المبارڪ سن 2هه مطابق مارچ 624ع تي مارجي ويو