ابولهب: ابولهب ولد عبدالمطلبرضه، حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم جو چاچو هو، سندس نالو عبدالعزى ۽ ڪنيت ابو عتبه هئي. مذهب اسلام جو وڏو دشمن هو. قرآن مجيد ۾ هن جي مخالفت ۾ هڪ سورة نازل ٿي. جنهن ۾ ابولهب کي ملعون چيو ويو آهي. جڏهن نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم اسلام جي دعوت ڏئي رهيا هئا تہ ابو لھب نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي چيو ته، ”تون مرندين ۽ رسوا ٿيندين.“ (نعوذ باالله) جنهن تي نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وآلہ وسلم جن خاموش رهيا. ايتري ۾ قرآن پاڪ جي 111 سورة، سورة الهب نازل ٿي. جنهن ۾ ابولهب جي ٻنهي هٿن جي ڀڄڻ ۽ ان جي مال کي ٻرندڙ باھہ ۾ وجهڻ جو ذڪر ٿيل آهي. هڪ پيغمبر جي حيثيت سان نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جا تعلقات ابولهب سان سٺا هئا، پر جڏهن نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن اسلام جي تبليغ ڪئي تہ ابولهب پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم ۽ اسلام جو دشمن ٿي ويو. حضرت ابوطالب کانپوءِ بنو هاشم خاندان جو زوريءَ سربراھہ ٿيو ۽ جنگ بدر ۾ مسلمانن سان وڙهندي ابولهب جي وفات ٿي.