ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي: ابوالقاسم ٺٽي جو مشھور شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي. نقشبندي طريقي سان واسطو رکندو هو. هن جو پورو نالو سيد ابوالقاسم سراج الدين محمد ولد مير ولي هو. هو 1138ھہ/1725ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. شڪر ﷲ جي خاندان مان هجڻ ڪري کيس ابوالقاسم شڪر الاهي سڏيو ويندو هو. هو ٻارهن ورهين جو هو تہ سندس پيءُ فوت ٿي ويو. ٺٽو تنهن زماني ۾ علم ۽ ادب جو مرڪز هو، ان ڪري ابوالقاسم بہ شعر چوڻ لڳو. سنڌ جي تاريخ بابت لکيل مشھور ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ جو ليکڪ مير علي شير ”قانع‘ ٺٽوي، سندس همعصر هو. ميان مرادياب خان ڪلهوڙو جڏهن سنڌ جي تخت تي ويٺو تہ ٻنهي نعتيه ڪلام چيو، جيڪو تاريخ متعلق هو. سيد ابوالقاسم شڪر الاهي ”مقالات الشعراءَ“ جي لکجڻ، يعني سن 1169ھہ تائين زندہ هو. هي صاحب شايد انهيءَ صديءَ جي آخر يا 13 صدي هجري جي اوائل ۾ رحلت ڪري ويو.
1725.00.00 عيسوي
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي: ابوالقاسم ٺٽي جو مشهور شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي . نقشبندي طريقي سان واسطو رکندو هو . هن جو پورو نالو سيد ابوالقاسم سراج الدين محمد ولد مير ولي هو . هو 1138هه/1725ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو .
1138.00.00 هجري