ابو الليث صديقي پروفيسر: پروفيسر ڊاڪٽر ابوالليث صديقي 15 جون 1916ع تي آگري (اڪبر آباد) ۾ پيدا ٿيو. ابو الليث صديقي اردو زبان ۽ ادب جو ممتاز اديب، نقاد، محقق، ماهر تعليم ۽ سابق استاد شعبه اردو اورينٽل ڪاليج لاهور رهيو. ان کانسواءِ سابق صدر شعبه اردو ڪراچي يونيورسٽي، پروفيسر ايمريٽس ۽ مدير اعليٰ اردو لغت بورڊ ڪراچي (84-1962) پڻ رهي چڪو هو. ابو الليث جون هي تصنيفون مشھور آهن. 1- لکنوء کان دبستان شاعري، 2- ڪليات مصحفي، 3- آج ڪا اردو ادب، 4- غزل اور متغزلين، 5- تاريخ زبان ادبيات اردو، 6- تاريخ اصول تنقيد، 7- جديد اردو ادبيات. هن عظيم هستيءَ ڪراچيءَ ۾ 7 سيپٽمبر 1994ع تي وفات ڪئي.
1916.06.15 عيسوي
ابو الليث صديقي پروفيسر: پروفيسر ڊاڪٽر ابوالليث صديقي 15 جون 1916ع تي آگري ( اڪبر آباد ) ۾ پيدا ٿيو . ابو الليث صديقي اردو زبان ۽ ادب جو ممتاز اديب ، نقاد ، محقق ، ماهر تعليم
1994.09.07 عيسوي
ابو الليث صديقي پروفيسر ڪراچيءَ ۾ 7 سيپٽمبر 1994ع تي وفات ڪئي .