ابو ايوب انصاري رضي ﷲ عنھ: حـضـور نبي ڪريـم صلي ﷲ عليھ وسلم جو جان نثار اصحابي ، سندس اصل نالو خالد هو . سندس نسب جو سلسلو هن ريت آهي: خالد بن زيد بن ڪليب بن ثعلبه بن غنم بن مالڪ بن نجار . سندس والدہ جو نالو زهراء بنت سعد بن قيس بن عمرو بن امرؤ القيس هو . هن جو تعلق انصارن جي قبيلي خزرج جي شاخ بنو نجار سان هو . رسول اڪرم صلي ﷲ عليھ وسلم جي پڙ ڏاڏي هاشم بن عبد مناف بنو نـجـار جي هڪ نيڪ خصلت خاتون سلميٰ سان شادي ڪئي هئي . پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليھ وسلم جو ڏاڏو عبدالمطلب هن جي پيٽان ڄائو هو . انهي نسلي تعلق سبب انصارن جي ٻين قبيلن کان بنو نجار کي وڌيڪ عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو . حضرت ابو ايوب انصاري بنو نجار جو سردار هو . ابو ايوب اُن جي ڪنيت هئي . اعلان نبوت جي ٻارهين سال حضرت مصعب بن عمير رضي ﷲ عنه اسلام جو پهريون داعي بنجي مديني شريف آيو تہ ٻين انصارن سان گڏ 18 سالن جي نوجوان حضرت ايوب انصاري بہ سندس هٿ تي اسلام قبول ڪيو . نبوت جي تيرهين سال انصاري اصحابن مڪي شريف طرف منيٰ جي جبلن جي لڪ عقبھ وٽ وڃي حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليھ وسلم جن سان بيعت ڪئي هئي ، حضرت ايوب انصاري انهن ۾ مکيہ هو ، هن بيعت کي ” بيعت عقبھ “ چيو وڃي ٿو ، اُن ڪري ابو ايوب انصاري کي انصاري ، نجاري کان سواءِ عقبي جي لقب سان بہ ياد ڪيو ويندو آهي . حضورصه جن جڏهن مڪي مان هجرت ڪري مديني پهتا تہ سندن ڏاچي حضرت ابو ايوب انصاري جي گهر وٽ گوڏا کوڙي ويهي رهي ۽ مديني ۾ رسول پاڪصه سندن مهمان بڻيو . سيرت الحلبيه جي روايت آهي تہ ڪجهہ انصارن ڏاچيءَ کي اتان اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڏاچي اتان نہ اٿي ۽ اهو عظيم اعزاز حضرت ابو ايوب انصاريءَ کي حاصل ٿيو . حضرت ابو ايوب انصاريءَ جي جاءِ جا هيٺ ۽ مٿي ٻہ طبقا هئا . پاڻ ڪريمصه جن هيٺئين طبقي ۾ رهڻ پسند فرمايو . ڪجهہ وقت کان پوءِ هن کي خيال اچي ٿيو تہ محبوب هيٺ هجن ۽ مان مٿان رهان ، اها بي ادبي آهي . سو کين راضي ڪري مٿي رهايائين ۽ پاڻ هيٺ رهڻ لڳو . مسجد نبويءَ جي جاءِ ٻن يتيمن جي هئي جيڪا هن جي گهر جي ڀرسان هئي پاڻ سڳورن اها خريد ڪري مسجد ٺاهڻ ٿي چاهي . انهن يتيمن اها جاءِ مفت ڏيڻ ٿي چاهي . پر پاڻ سڳورن قبول نہ ڪئي ، آخر ان جي ڏھہ دينار رقم مقرر ٿي ، جا حضرت ابو ايوب انصاريءَ ادا ڪئي ۽ مسجد نبويءَ جي تعمير ۾ ان وقت ڪليدي ڪردار ادا ڪيائين . ان کان پوءِ حرمِ نبويءَ جي حجرن جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو . حضرت ايوب انصاري حرمِ نبويءَ جي زمين جي حصول ۽ انهن جي اڏاوت ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ڀرپور حصو ورتو . پاڻ ڪريم جن ست مهينا حضرت ابو ايوب انصاري جي گهر ۾ مهمان طور رهيا ، ان کان پوءِ مڪي مان پنھنجي گهر وارن کي مديني گهرائي پنھنجي حرمن سان حجرن ۾ رهيا . حضرت ابو ايوب انصاري جي مواخات ( ڀائپي ) حضرت مصعب بن عميررضه سان ٿي . حضرت ابو ايوب انصاري جنگ بدر ، احد ، خيبر ، بيعت رضوان ، حديبيه ، فتح مڪه ، حنين ، تبوڪ ۽ هر انهيءَ مھم ۾ ڀرپور حصو ورتو ، جنهن ۾ رسول خدا شرڪت ڪئي . ابن حجر عسقلاني لکي ٿو تہ: ” رسول ﷲ صلي ﷲ عليھ وسلم جن جي وصال کان پوءِ بہ حضرت ابو ايوب انصاري سدائين جهاد ڪندو رهيو . تان جو قسطنطنيه واري مھم ۾ وفات ڪيائين . “ اسد الغابه جو بيان آهي تہ: سواءِ هڪ سال جي ڪڏهن بہ جهاد کان پوئتي نہ رهيو . ان سال هڪ نوجوان کي لشڪر جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو . ان ڪري ابو ايوب انصاري ان جي ماتحتي ۾ وڙهڻ پسند نہ ڪيو ، بعد ۾ هن ان تي پڇتايو ۽ چوندو هو تہ منهنجو امير ڪير آهي ، ان جو مون تي ڪو بار ڪونهي ، مون کي هر حال ۾ وڙهڻو آهي . هن برن ۽ بحرن ۾ جهاد ڪيو . حضرت ابو ايوب انصاري جڏهن سامونڊي جنگين ۾ شريڪ ٿيو ، تڏهن سندس عمر 76سال هئي . مسلمانن جي چئني اميرن ( خلفاء الراشدين ) سان هر معاملي ۾ گڏ رهيو . هو علم حلم ۾ ، جهاد ۽ ملڪي معاملات ۾ فضيلت وارو هو . حضرت ايوب انصاريرضه 52 ھہ ۾ قسطنطنيه ۾ وفات ڪئي ، ان وقت سندس عمر ٻياسي ورهيہ هئي .