ابو تراب: ابو تراب، حضرت علي عليہ السّلام جن جو لقب آهي. ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم جن، پرهيزگاريءَ ۽ حليمائيءَ جي لحاظ کان کين انهيءَ لقب سان سڏيو. ابو تراب جي لفظي معنيٰ آهي: ”مٽيءَ جو پيءُ“. لطيف سائينءَ بہ چيو آهي:
سو نہ ڪنهين شيءِ ۾، جيڪي منجهہ ’تراب‘
(وڌيڪ ڏسو: حضرت علي عليہ السلام)