ابو تراب شيخ

ابُو تراب شيخ: سنڌ ۽ هند جو پهريون صوفي درويش، جيڪو ’ابوترابيءَ‘ جي نالي سان مشھور هو، بنوعباس جي حڪومتي دؤر (786 کان 808ع) ۾، سنڌ جي ڪجهہ علائقن تي حاڪم مقرر ٿي آيو. هن بزرگ، ’بکر‘ ۽ ’کرڙي‘ جا قلعا فتح ڪيا. سندس شمار تبع تابعين ۾ ٿيندو آهي. هيءُ خليفي هارون رشيد جي زماني ۾ ئي شھيد ٿيو هو. سندس مقبرو ٺٽي ۾ ’گُجي‘ شھر کان ٽي ميل ڏکڻ اولھہ طرف، ٿرڙيءَ جي مڪان ۾، تعلقي ميرپورساڪري، ضلعي ٺٽي ۾ آهي. سندس روضي جي ڪتبي تي تاريخ وفات 171ھہ/788ع لکيل آهي. ان لحاظ کان، هن درگاھہ کي سنڌ جي قديم درگاھہ سڏيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0171.00.00  هجري

ابُو تراب شيخ: سنڌ ۽ هند جو پهريون صوفي درويش ، سندس روضي جي ڪتبي تي تاريخ وفات 171هه/788ع لکيل آهي .


0788.00.00  عيسوي

ابُو تراب شيخ: سنڌ ۽ هند جو پهريون صوفي درويش ، سندس روضي جي ڪتبي تي تاريخ وفات 171هه/788ع لکيل آهي .



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صابر ولهاري ميون
ڏاڏو هوت فقير
تجل جا پير
سماع
عجمي سلسلو
طوسي سلسلو
شاھہ رڪن عالم
شاھہ غياث الدين جيلاني
آھوجا موھن فقير
شاھہ مسعود ولهاري
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون