ابو تراب شيخ

ابُو تراب شيخ: سنڌ ۽ هند جو پهريون صوفي درويش، جيڪو ’ابوترابيءَ‘ جي نالي سان مشھور هو، بنوعباس جي حڪومتي دؤر (786 کان 808ع) ۾، سنڌ جي ڪجهہ علائقن تي حاڪم مقرر ٿي آيو. هن بزرگ، ’بکر‘ ۽ ’کرڙي‘ جا قلعا فتح ڪيا. سندس شمار تبع تابعين ۾ ٿيندو آهي. هيءُ خليفي هارون رشيد جي زماني ۾ ئي شھيد ٿيو هو. سندس مقبرو ٺٽي ۾ ’گُجي‘ شھر کان ٽي ميل ڏکڻ اولھہ طرف، ٿرڙيءَ جي مڪان ۾، تعلقي ميرپورساڪري، ضلعي ٺٽي ۾ آهي. سندس روضي جي ڪتبي تي تاريخ وفات 171ھہ/788ع لکيل آهي. ان لحاظ کان، هن درگاھہ کي سنڌ جي قديم درگاھہ سڏيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0171.00.00  هجري

ابُو تراب شيخ: سنڌ ۽ هند جو پهريون صوفي درويش ، سندس روضي جي ڪتبي تي تاريخ وفات 171هه/788ع لکيل آهي .


0788.00.00  عيسوي

ابُو تراب شيخ: سنڌ ۽ هند جو پهريون صوفي درويش ، سندس روضي جي ڪتبي تي تاريخ وفات 171هه/788ع لکيل آهي .



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تصوف
اثبات
شاھہ عثمان قريشي سھروردي
ابن العربي
شاھہ شمس سبزواري ملتاني رح
شاھہ مسعود ولهاري
خواجہ عبدالحميد
شاھہ يقيق
محمد امين
شاذليه طريقو
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون