ابو زيد حسن سيرافي: ھيءُ ٽين صدي ھجري جو سياح ۽ تاجر آھي. ۽ خليج جي مشھور بندرگاھ سيراف جو رھندڙ ھو، سيراف ۾ ھن جي ملاقات مشھور مورخ ۽ سياح مسعوديءَ سان ٿي ھئي. ھيءُ سيراف کان ھندستان ۽ چين جي وچ ۾ بحري ۽ تجارتي سفر ڪندو رھندو ھو. ھن سليمان تاجر جي سفر نامي جو 25- 30 سالن کان پوءِ تڪلمه لکيو، جنھن ۾ ھندستان جي رسم رواج، تمدن ۽ معاشرت، مذھبي اعتقادات، بت خانن ۽ راجائن جي حالتن وغيرہ جو ذڪر ڪيو آھي. ھن جي معلومات جو بنياد ذاتي ھو يا مشرق جو سفر ڪندڙ ٻين سوداگرن جا بيان آھن. ھن جو ھي تڪلمه بہ سليمان جي سفر نامہ سان گڏ پھريون دفعو پيرس مان سن 1845ع ۾ ڇپيو.