ابو سلمه عبدالله مخزومي رضه

ابو سلمه عبدالله مخزوميرضه: حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي جان نثار اصحابن ۾ سندس پڦاٽ، ابو سلمه عبدالله بن عبدالاسد بن هلال بن عبدالله بن عمر بن مخزوم جو نالو به شامل آهي. سندس والده بره بنت عبدالمطلب، پاڻ سڳورن جي پڦي هئي. حبش جي هجرت (رجب سن 45، ”عام الفيل“) کان اڳ، پنهنجي زال ام سلمه هند بنت ابي اميه سميت مسلمان ٿيو. پوءِ مديني شريف پهچي ”عاليه“ ڳوٺ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين.
ابو سلمهرضه انهن جليل القدر اصحابن مان هو، جيڪي درٻارِ رسالت ۾ خاص الخاص هئا. سندس تعلق ”بنو مخزوم“ قبيلي سان هو. اسلام کان اڳ هي قبيلو صاحبِ اقتدار رهيو ۽ عرب ۾ وڏي عزت وارو ليکيو ويندو هو.
ابو سلمهرضه ”بدر جي جنگ“ (2 هه/626ع) ۽ ”احد جي جنگ“ (3 هه/ 624ع) ۾ ڀرپور حصو ورتو. احد جي جنگ دوران ٻانهن ۾ سخت زخم ٿي پيس. ڪافي علاج ڪرايائين، پر صحتياب ٿي نه سگهيو ۽ ڏينهون ڏينهن ڦٽ سائو ٿيندو ويو، جنهنڪري تاريخ 3 جمادي الثاني سن 4 هه (625ع) تي سندس حالت خراب ٿي وئي. پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم کي خبر ڏني وئي، پاڻ خبر ٻڌڻ شرط پهتا. ابو سلمهرضه کين ڏسڻ سان ئي خدا کي پيارو ٿيو. پاڻ سڳورن سندس اکيون بند ڪندي فرمايو: ”انسان جو روح جنهن وقت جسم کان جدا ٿئي ٿو ته ان جون اکيون ڏسڻ لاءِ باقي کليل رهن ٿيون“ سندس جنازي نماز به پاڻ ئي پڙهايائون.
امام بخاريرح ۽ امام مسلمرح جي روايتن مطابق، ابو سلمهرضه، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن جو ٿڃ شريڪ ڀاءُ به هو. سندس طبيعت ماٺيڻي ۽ نيڪ هئي. اهو ساڳيو حال سندس گهر واريءَ جو به هو. پٺيان هڪ بيوه ۽ ٻه پٽ (سلمه ۽ عمر) ۽ ٻه نياڻيون (دره ۽ زينب) ڇڏيائين. انهن سڀني پاڻ سڳورن وٽ پرورش ورتي. ايتري قدر جو حضرت ام سلمهرضه،پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن سان نڪاح ڪري، ”ام المومنين“ جو شرف حاصل ڪيو.
حضرت ابو سلمهرضه جيتوڻيڪ ايتري وڏي ڄمار نه ماڻي، پر خلوص، حق جي هدايت، تحمل، حب رسول الله صلي الله عليه وسلم، قرباني ۽ بهادريءَ عيوض جيڪي يادگار ڇڏيا، اهي تاريخ ۾ وڏي عزت ۽ احترام سان جاءِ والارين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو