اَبُوطالِبُ: حضرت علي عليہ السلام جو والد ۽ رسول ڪريم صہ جن جو چاچو، حضرت ابو طالب (85 قبل هجري) 540ع ۾ تولد ٿيو. اصل نالو عمران بن عبدالمطلب هئس. سندس پيءُ عبدالمطلب، قريش قبيلي جي بزرگن ۾ شمار ٿيندو هو. ابوطالب، عبدالمطلب جي وفات کان پوءِ، حضرت رسول ڪريم صہ جن کي پنھنجي تربيت هيٺ آندو، ۽ جڏهن نبوت جي دعويٰ کان پوءِ قريشن نبي سڳوري کي تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون تہ پنھنجي خاندان جي سربراھہ جي حيثيت سان حضرت ابوطالب نبي ڪريم صہ جي حفاظت ۽ حمايت جو کلم کلا اعلان ڪيو. حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جي بيبي خديجته الڪبريٰ رضي ﷲ سان نڪاح جي ڳالھہ ٻولھہ ڪيائين نڪاح جو خطبو بہ حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي چاچي ابو طالب پڙهيو. بعثت کان پوءِ مڪي جي ڪافرن حضور صلي ﷲ عليہ وسلم کي جڏهن تنگ ڪيو تہ پنھنجي خاندان جي عزت ۽ پنھنجي پياري ڀائٽيي حضور صلعم جي حفاظت ۽ حمايت ۾ ڪمر بستہ رهيو، ايستائين جو ڪافرن جي سختين کان تنگ اچي کين ٽن سالن تائين هڪ جبل جي لڪ ۾ رهڻو پيو جيڪو شعب ابي طالب جي نالي سان مشھور آهي. پاڻ شاعر ۽ خطيب جي حيثيت ۾ پڻ گهڻو مشھور آهي. حضرت ابوطالب 88 ورهين جي ڄمار ۾ 620ع (هجري سن کان 3 سال قبل) ۾ وفات ڪئي.
0540.00.00 عيسوي
اَبُوطالِبُ: حضرت علي عليہ السلام جو والد ۽ رسول ڪريم صه جن جو چاچو ، حضرت ابو طالب ( 85 قبل هجري ) 540ع ۾ تولد ٿيو .
0620.00.00 عيسوي
حضرت ابوطالب 88 ورهين جي ڄمار ۾ 620ع ( هجري سن کان 3 سال قبل ) ۾ وفات ڪئي .