ابو محمد سالم سنڌي

ابو محمد سالم سنڌي: ابو محمد حلف بن سالم، مخاطب بہ محمود سنڌي. حديث جي حافظن مان هو، کيس سنڌ مان عرب آندو ويو هو. آل مهلب جو غلام رهندو آيو، پوءِ علم جي تحصيل ڪيائين ۽ حديث ۾ نالو پيدا ڪيائين. بغداد جي محله محزمي ۾ قيام هيس، جنهنڪري محزميءَ جي نسبت سان مشھور ٿيو. ذهبي جو بيان آهي تہ پاڻ سنڌي هو. حلف بن سالم حافظ محمود ابو محمد سنڌي، موالي آل مهلب بغداد جي وڏن حديث جي حافظن مان هو. ابن حجر بہ کيس ’السندي البغدادي الحافظ‘ لکيو آهي. سندس حديث جي شيخن ۾ هيٺيان محدث آهن، جن کان هن روايتون بيان ڪيون آهن: هثيم بن بشير، يحيٰ بن سعيد، قطان، عبدالرحمان بن مهدي، اسماعيل بن عليه، سعد بن ابراهيم بن سعد، يعقوب بن ابراهيم، محسن بن عيسيٰ، ابو نعيم فضل بي وڪيل، محمد بن جعفر، غنذر، يزيد بن هارون، وهب بن جرير، عبدالرزاق بن همام ۽ ابن نمير. هيٺيان سندس حامي آهن. اسماعيل بن ابي حارث، حاتم بن ليث، يعقوب بن شيبته، احمد بن ابي خثميه، جعفر طپالسي، عباس دوري، يعقوب بن يوسف مطوعي، حسن بن علي معمري، احمد بن حسن بن عبدالجبار صوفي، ابو القاسم بغوي، احمد بن علي آبادءَ، ثمان دارمي، امام احمد بن حنبل، يحيٰ بن معين، حميد، يعقوب بن شيبه ۽ حمزہ ڪتاني سندس توثيق ڪئي آهي. امام نسائي هڪ واسطي سان سندس روايت درج ڪئي آهي. نهايت ساده دل هو ۽ مختلف علمن ۾ پوري مهارت رکندو هو. سومر ڏينهن 22 رمضان 231ھہ 69 سالن جي عمر ۾ بغداد ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0231.09.22  هجري

ابو محمد سالم سنڌي: سومر ڏينهن 22 رمضان 231هه 69 سالن جي عمر ۾ بغداد ۾ وفات ڪيائين .



ديني عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالطيب سنڌي
ابوبڪر شبلي
ابوبڪر قاضي
ابو عبدالملڪ محدث سنڌي
ابو علي سنڌي
آخوند رحمت ﷲ سانوڻي ھالائي
قاضي ابو حنيفہ بکري
ابو محمد هالائي مخدوم
ابوالاعليٰ مودودي
ابو عطا سنڌي
ديني عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون