ابو محمد هالائي مخدوم

ابو محمد هالائي مخدوم: حضرت ابو محمد ولد مخدوم امين محمد اول ولد مخدوم نوح عليہ الرحمت 9 محرم الحرام 980ھہ ۾ پنھنجي بزرگ ڏاڏي جي حياتيءَ ۾ ئي پيدا ٿيو ۽ تصوف جو طريقو پنھنجي والد محترم کان سکيائين، والد جي وفات کان پوءِ سجادہ نشينيءَ جا فرض بہ ادا ڪيائين. سندن علم ۽ فيض مان ڪيترائي فيضياب ٿيا، جن ۾ شيخ هاشم ابن حماد هڪ مشھور بزرگ آهي. مخدوم ابو محمد شريعت جو تمام گهڻو پابند هو. روحانيت ذريعي جيڪي اشارا يا ڳالهيون حاصل ٿينديون هيون انهن تي عمل نہ ڪندو هو، بلڪہ پاڻ هر حالت ۾ شريعت جي ضابطن ۽ اصولن جو خيال رکندو هو ۽ شرعي طريقت تي عمل ڪندو هو. مخدوم صاحب 35 سال، 3 مهينا سجادہ نشين رهيو ۽ ستر سال 9 مهينا 29 ڏينهن حياتيءَ جا بسر ڪري 8 ذوالقعد 1050ھہ تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0980.01.09  هجري

ابو محمد هالائي مخدوم: حضرت ابو محمد ولد مخدوم امين محمد اول ولد مخدوم نوح عليه الرحمت 9 محرم الحرام 980هه ۾ پنهنجي بزرگ ڏاڏي جي حياتيءَ ۾ ئي پيدا ٿيو ۽ تصوف جو طريقو پنهنجي والد محترم کان سکيائين ، والد جي وفات کان پوءِ سجاده نشينيءَ جا فرض به ادا ڪيائين .


1050.11.08  هجري

ابو محمد هالائي مخدوم:: مخدوم صاحب 35 سال ، 3 مهينا سجاده نشين رهيو ۽ ستر سال 9 مهينا 29 ڏينهن حياتيءَ جا بسر ڪري 8 ذوالقعد 1050هه تي وفات ڪئي .



ديني عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو علي سنڌي
ابوالطيب سنڌي
آخوند رحمت ﷲ سانوڻي ھالائي
ابو معشر السندي
ابو محمد سالم سنڌي
ابوالاعليٰ مودودي
ابو محمد هالائي مخدوم
ابوالعباس احمد منصوري
ابوالعباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي
ابوبڪر قاضي
ديني عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون