ابو نصر بن عبدالله سنڌي

ابو نصر بن عبدالله سنڌي: ابو نصر فتح بن عبدالله سنڌي آل حاڪم جي غلامن مان ھو، جن بعد ۾ کيس آزاد ڪري ڇڏيو. ھن مختلف علمن، فقھہ، ڪلام وغيرہ ۾ مھارت حاصل ڪئي. فقھہ جي تحصيل ابو علي ثقفيءَ کان حاصل ڪيائين ۽ حديث جي روايت حسن بن سفيان وغيرہ کان ڪيائين ۽ ”فقيه ۽ متڪلم“ جو لقب پاتائين، ديني، علمي، مرتبو اھڙو حاصل ڪيائين، جو شاگردن معتقدن جو گروھ ھر وقت سندن چوڌاري رھندو ھو. کيس پنھنجي سنڌي مسلمان ھجڻ تي فخر ھو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو