ابو هريره: مشھور اصحابي، جنهن کان 5375 حديثون روايت ڪيل آهن. سندس پورو نالو عبدالله بن عامر ڄاڻايل آهي، جڏهن تہ ڪن ڪتابن ۾ سندس نالو عبد شمس بہ ڄاڻايل آهي. اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ سندس نالو عمير رکيو ويو. جيئن تہ هو ٻلين پالڻ جو شوقين هوندو هو، ان ڪري ”ابو هريره“ (ٻلين جو پيءُ) سندس ڪنيت ٿي وئي. خيبر واري جنگ جي موقعي تي سن 7 ھہ مطابق 629ع ۾ مديني شريف پهچي اسلام قبول ڪيائين. حضرت ابو هريره جيڪي حديثون روايت ڪيون آهن، تن مان 335 متفق عليہ آهن. کيس ”سلطان الحديث“ جو لقب پڻ مليل هو. حضرت عمر فاروق جي خلافت واري دور ۾ ڪجهہ وقت بحرين جو گورنر بہ ٿي رهيو، پر جڏهن حضرت عثمان جي خلافت جو دور آيو تہ پاڻ مديني ۾ گوشه نشين ٿي ويو. پاڻ 78 سالن جي ڄمار ۾ 676ع ۾ وفات ڪيائين. کيس جنت البقيع ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.