ابٽڻ، اٻٽڻ، ابٽن
عورتون ڪنوار کي ابٽڻ هڻندي
ابٽڻ پيڪنگ جي شڪل ۾
هندستاني عورت ابٽڻ هڻائيندي (مصوري)
اُبٽڻُ / اُٻٽڻ: شاديءَ جي رسم ۾ ڪنوار جي بدن کي مهٽڻ لاءِ خوشبودار اٽو يا سُرهي چوري. اُٻٽڻ ڪِن هنڌن تي مانههِ جي اٽي، بيسڻ يا ميدي ۾ خوشبوءِ ملائي ٺاهين ٿا. اُهو ونواهه وقت ڪنوار جي جسم تي شاديءَ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ ست ڏينهن لڳائبو آهي. اُٻٽڻ لڳائڻ سان ڪنوار جي بدن ۾ سونهن ۽ سرهاڻ پيدا ٿيندي آهي.