پروفيسر الياس ابڙو

پروفيسر الياس ابڙو

ابڙو الياس پروفيسر

ابڙو الياس پروفيسر: سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر پروفيسر محمد الياس ابڙو، 20 نومبر 1920ع تي محمد رمضان ابڙي جي گهر ۾ ڄائو. 1948ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ۽ 1952ع ۾ ايل. ايل. بي ڪيائين. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن ويو، جتي لنڊن يونيورسٽيءَ مان 1958ع ۾ ايم. ايس . سي پوليٽيڪل سائنس ۽ اڪنامڪس ۾ ڪيائين. سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون ڇپجي چڪا آهن، جيڪي ڪيترن ئي سيمينارن ۽ ورڪشاپن ۾ پڙهيا ويا آهن. پاڻ 1949ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر ۽ 1955ع ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح سخت محنت ۽ پيشي سان سچائيءَ سبب ترقيءَ جون منزلون طيءِ ڪندو، 1963ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ ڪامرس شعبي جو چيئرمئن ۽ 1975ع ۾ آرٽس فئڪلٽيءَ جو ڊين ۽ 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر مقرر ٿيو. ان کان سواءِ پاڻ ڪراچي سيڪنڊري بورڊ جو چيئرمئن، تعليم کاتي ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ ٻين عهدن تي پڻ رهي چڪو آهي. سندس وفات 30 آڪٽوبر 1994ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.11.20  عيسوي

ابڙو ، الياس ، پروفيسر: سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر پروفيسر محمد الياس ابڙو ، 20 نومبر 1920ع تي محمد رمضان ابڙي جي گهر ۾ ڄائو .


1994.10.30  عيسوي

ابڙو ، الياس ، پروفيسر: سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر پروفيسر محمد الياس سندس وفات 30 آڪٽوبر 1994ع تي ٿي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا 2
آريسر واھي فقير
حاجي محمد عثمان قاضي
حاجي محمد رحيم ڪنڀر
ڀڳتياڻي ھَرِي ديوي
تيجواڻي ڪمار
رايا ييگورووا
خليل بن بصري
علي بخش خان شر
امرلعل هنڱوراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون