خدا بخش ابڙو

خدا بخش ابڙو

ابڙو خدا بخش

ابڙو خدا بخش: سنڌ جي ثقافت ۽ فنون لطيفہ جو ھڪ اعليٰ آرٽسٽ/مصور، جنھن جو فن نہ فقط سنڌ، پر پوري ملڪ لاءِ فخر آھي. پاڻ 12 اپريل 1957 ع تي ڄائو. ھيءُ مصور، انساني جذبن، احساسن ۽ تصورن جو اظھار پنھنجي فن وسيلي ڪرڻ جو ماھر آهي، ھن جي مصوريءَ ۾ رنگن جي نمايان ۽ وقتائتي شموليت قابل قدر وصف آھي. ھن آرٽسٽ مصور جون تصويرون ملڪ جي سڀني نمائشن ۾ شامل ٿينديون ۽ ڪاميابي حاصل ڪنديون رھيون آھن. ھن سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپجندڙ سوين ڪتابن جا سر ورق ڊزائن ڪيا آھن ۽ 1978ع ۾ نيشنل بڪ ڪائونسل طرفان اوارڊ بہ حاصل ڪيو آهي، ساڳيءَ طرح کيس 1979ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيندڙ ڊاڪٽر الھداد ٻوهيي جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ جي ڊسٽ ڪور جي تخليق تي اوارڊ ملي چڪو آھي. 1980ع ۾ ھن قومي سيمينار ۾، سنڌ صوبي جي نمائندگي ڪئي، ھن نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاھور ۾ ڪمرشل ڊيزائننگ جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. سندس شادي سنڌ جي نامياري شاعرہ عطيہ دائود سان ٿيل آهي. سندس ٻار ’سونهن‘ ۽ ’سُھائي‘ ٻئي آرٽسٽ آهن. خدا بخش هن وقت روزاني انگريزي اخبار ’ڊان‘ سان لاڳاپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.04.12  عيسوي

ابڙو خدا بخش: سنڌ جي ثقافت ۽ فنون لطيفه جو ھڪ اعليٰ آرٽسٽ/مصور ، جنھن جو فن نه فقط سنڌ ، پر پوري ملڪ لاءِ فخر آھي . پاڻ 12 اپريل 1957 ع تي ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شوڪت عزيز
رسول بخش خان گبول
انيلا سندر
قاسم سنڌي پاٽائي
ڏيڌڙو روشن علي
پريل فقير پينار
اڪبر حيدر سومرو
شيخ عبدالرحيم سنڌي
بروهي علي احمد
سيد قاسم محمود
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون