روبينه ابڙو

روبينه ابڙو

ابڙو روبينا

ابڙو روبينا: روبينا ابڙو، 24 آڪٽوبر 1971ع تي ڳوٺ ڳيريلي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هوءَ سنڌي ٻوليءَ جي شاعر عورتن ۾ غزل جي شاعريءَ ۾ اهم مقام رکي ٿي. سندس غزل فني ۽ فڪري حوالي سان پختا ۽ متاثر ڪندڙ آهن. هن ادبي دنيا ۾ 1991ع کان پير پاتو. ابتدا ۾ ڪجهہ ڪهاڻيون لکيائين، جيڪي ريڊيو خيرپور جي پروگرامن ۾ نشر ٿيون، پر پوءِ هن پنھنجي لاءِ شاعريءَ جو ميدان چونڊيو ۽ شاعر عورتن ۾ نالو پيدا ڪيو. مريم مجيدي ۽ سحر امداد واري ٽهيءَ کان پوءِ واري ٽهيءَ ۾ روبينا ابڙو ۽ رخسانه پريت ئي غزل جون ٻہ پختيون شاعرائون آهن. روبينا ابڙو ايم. اي سنڌي (1995ع) ۽ ايم. اي ايڪانامڪس (1997ع) آهي. هوءَ گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول نظر محلي، لاڙڪاڻي ۾ اُستاد طور پڙهائي رهي آهي. سندس شاعري ۽ مضمون سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هوءَ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.10.24  عيسوي

ابڙو ، روبينا: روبينا ابڙو ، 24 آڪٽوبر 1971ع تي ڳوٺ ڳيريلي ، تعلقي ڏوڪري ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تنھا اصغر
سيد فتح الدين شاھہ
اڪرام ساگر عباسي
عـاشـق عـارباڻـي
سورج سجاولي
غلام محمد ڀٽو
لعل چند مجروح
عبدالحميد شھيد
گورڌن ڀارتي
پيرو محمد سائل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون