شمس الدين ابڙو

شمس الدين ابڙو

ابڙو شمس الدين

ابڙو شمس الدين: لاڙڪاڻي جو هڪ اهم قانوندان، جنهن پنھنجي وقت ۾ لاڙڪاڻي جي سڀني وڏن وڪيلن تي ڌاڪو ڄمائي رکيو. هي صاحب علامہ علي خان ابڙي جو وڏو پٽ هو. هو 1916ع ۾ ميهڙ لڳ ڳوٺ سانگي ۾ ڄائو ۽ پنھنجي والد جي نگرانيءَ ۾ تعليم ورتائين، بعد ۾ هو جوناڳڙھہ ۾ پڙهيو، جتي هن جي استادن سندس ذهانت سبب کيس سالن تائين ياد رکيو.
لاڙڪاڻي ۾ ان وقت جا وڏا وڪيل خاص ڪري خانبهادر غلام رسول ڪيهر (جيڪو پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو) سندس گهڻي عزت ڪندو هو. نوجوان وڪيل ذوالفقار علي ڀٽو کيس ’استاد‘ چئي مخاطب ٿيندو هو. ڀٽو صاحب جڏهن ايوب خان جي ڪابينه ۾ هو تڏهن هن ابڙي صاحب کي سفير ٿيڻ جي پيشڪش ڪئي، جيڪا هن قبول نہ ڪئي. هن صاحب پاڪستان ٺھڻ کان اڳ وڪالت شروع ڪئي ۽ ڪامياب فوجداري وڪيل هو. سندس آڏي پڇا جو انداز مشھور هو. اڪثر وڪيل عدالتن کان خاص مهلت وٺي سندس آڏي پڇا ٻڌڻ ويندا هئا. طبيعت ۾ نهٺو ۽ توڪل پسند هو. روزانو شام جو، سندس اوطاق نما آفيس ۾ شھر جا اهم ترين وڪيل سياسي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ جمع ٿيندا هئا. انهن ڪچهرين ۾ نظام الدين ميمڻ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالوحيد ڪٽپر، دوست محمد هڪڙو ۽ ٻيا صاحب شامل هوندا هئا. سندس هڪ مقدمو ’پٽيل ڪيس‘ جي نالي سان مشھور آهي. جنهن ۾ هن بنيادي انساني حقن واري عام لتاڙ خلاف پاڪستان ۾ پهريون اهم ڪيس کٽيو هو. هن صاحب جي حياتيءَ جا واقعا سندس ننڍي ڀاءُ جمال ابڙي جي آتم ڪٿائن ۾ ڏنل آهن. هن 29 آگسٽ 1963ع تي لاڙڪاڻي ۾ 47 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. کيس قائم شاھہ بخاري واري مقام ۾ سندس والد جي ڀر ۾ جاءِ ڏني وئي. لاڙڪاڻي جو مشھور شمس اسڪول سندس نالي پٺيان ان ئي جاءِ ۾ قائم آهي، جيڪو علي خان ابڙي جو گهر هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.00.00  عيسوي

ابڙو ، شمس الدين: لاڙڪاڻي جو هڪ اهم قانوندان ، جنهن پنهنجي وقت ۾ لاڙڪاڻي جي سڀني وڏن وڪيلن تي ڌاڪو ڄمائي رکيو . هي صاحب علامه علي خان ابڙي جو وڏو پٽ هو . هو 1916ع ۾ ميهڙ لڳ ڳوٺ سانگي ۾ ڄائو


1963.08.29  عيسوي

ابڙو ، شمس الدين: لاڙڪاڻي جو هڪ اهم قانوندان هن 29 آگسٽ 1963ع تي لاڙڪاڻي ۾ 47 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي . کيس قائم شاهه بخاري واري مقام ۾ سندس والد جي ڀر ۾ جاءِ ڏني وئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻڍو بالادي
سنگهار علي گڻسار
حاجي غلام حسين ڊاڪٽر
دريا خان جکراڻي
خان عبدالغفار خان
محب ڀيل ڪامريڊ
لالا موهن داس سيوستاني
جهانگيرڪرامت
پارپتي ماڙيچاڻي
مير عبدالرزاق سبزواري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون