ابڙو شيخ ھالاڻي

ابڙو شيخ ھالاڻي:ھيءُ سنڌ جو بزرگ 7 شعبان 577 ھ – 1181ع ڌاري ھالاڻيءَ ۾ پيدا ٿيو، جنھنڪري ھن کي شيخ ابڙو ھالاڻي بہ سڏيندا آھن. ھن ھنڱورجن جي ارباب، آري سمي جي ڌيءَ هاجره سان شادي ڪئي. تنھن وقت سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت ھوندي ھئي. پاڻ بزرگن جي فيض ۽ صحبت مان فيضياب ٿيڻ لاءِ ڏاڍو چاھ رکندو ھو، جنھنڪري ھو سورٺ (سوراشٽر) ۾ سيد عبدالھادي جميل شاھ گرناريءَ وٽ پھتو ۽ سندس مريد ٿيو. پاڻ چشتي طريقو ڪري فقراءَ ٿيو ۽ باقي ڏينھن مرشد جي خدمت ۾ گذاريائين. سندس وفات 60 سالن جي عمر ۾ 637 ھ – 1239ع ڌاري ٿي، ۽ سندس درگاھ سجاول ۽ جاتيءَ واري رستي تي اولھه طرف پنج ميل پري آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0577.08.07  هجري

ابڙو شيخ ھالاڻي : ھيءُ سنڌ جو بزرگ 7 شعبان 577 ھ – 1181ع ڌاري ھالاڻيءَ ۾ پيدا ٿيو ،


1181.00.00  عيسوي

ابڙو شيخ ھالاڻي : ھيءُ سنڌ جو بزرگ 7 شعبان 577 ھ – 1181ع ڌاري ھالاڻيءَ ۾ پيدا ٿيو ،


0637.00.00  هجري

ابڙو ، شيخ ، ھالاڻي بزرگ ، سندس وفات 60 سالن جي عمر ۾ 637 ھ – 1239ع ڌاري ٿي ، ۽ سندس درگاھ سجاول ۽ جاتيءَ واري رستي تي اولھه طرف پنج ميل پري آھي .


1239.00.00  عيسوي

ابڙو ، شيخ ، ھالاڻي بزرگ ، سندس وفات 60 سالن جي عمر ۾ 637 ھ – 1239ع ڌاري ٿي ، ۽ سندس درگاھ سجاول ۽ جاتيءَ واري رستي تي اولھه طرف پنج ميل پري آھي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام محمد ساکاڻي
اسماعيل فقير ڏيرو
دروپدي
غضنفر خان عالمگيري
اوستو سچيڏنو
حال ﷲ ڪلهوڙو ٻيو
حاجي فقير محمد سومرو
ڦلو مل ميگهواڙ ڊاڪٽر
ڏيپچند ٽي اوجها
سرائي علي گوهر خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون