مولانا عبدالڪريم چشتي

مولانا عبدالڪريم چشتي

ابڙو عبدالڪريم چشتي

ابڙو عبدالڪريم چشتي: مولانا عبدالڪريم ولد عبدالله ابڙو ”چشتي“ سن 1314ھ مطابق 1896ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم پنھنجي ويجهي عزيز مولانا غلام رسول چشتيءَ وٽان حاصل ڪيائين. عربي ۽ فارسيءَ جي وڌيڪ تعليم شڪارپور جي ”وڪٽوريه جوبلي انسٽيٽيوٽ“ ۾ مولانا عبدالرحمان ميمڻ وٽ حاصل ڪري 1917ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو. فارغ ٿيڻ کان پوءِ 1917ع ۾ انڊين ھوم رول ليگ ۾ شامل ٿيو. سن 1918ع ۾ ڪانگريس ۾ آيو. ھن شڪارپور ۾ ”انجمن مجاھدين اسلام“ تنظيم قائم ڪئي. 1919ع ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ 1920ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. ھن 1912ع ۾ شڪارپور ۾”محموديه عربيه“مدرسو نالي قائم ڪيو. 1924ع ۾ ”انجمن اشاعت الاسلام شڪارپور“ جو بنياد رکيائين. ان کان پوءِ تبليغ ۽ تنظيم جو ڪم ڪندو رھيو. سال 1927ع کان 1929ع تائين صحافت سان واسطو رھيس. 1950ع ۾ يارھين ”سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ ”محبانِ سنڌ“ جو خطاب حاصل ڪيائين. ساڳئي سال ۾ شڪارپور ميونسپل جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ پريزيڊنٽ ٿي رھيو، ان کان علاوہ نيو ايرا ھاءِ اسڪول موجودہ قاضي حبيب ھاءِ اسڪول شڪارپور جو چونڊيل صدر، ”مدرسہ عربيه محموديه“ شڪارپور جو صدر، ”انجمن اھل سنتشڪارپور جو صدر ،”انجمن طلباءِ شڪارپور“ جو صدر، جمعيت العلماءِ اسلام شڪارپور جو نائب صدر ۽ جامع دينيه دارالھديٰ ٺيڙھي جو نائب صدر ٿي رھيو. مولانا صاحب 55 ڪتاب تصنيف ڪيا، جن مان 7 فارسيءَ ۾ ۽ باقي سنڌي زبان ۾ آھن. مولانا صاحب حياتيءَ ۾ 3 حج ڪيا. ھن 1964ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1314.00.00  هجري

ابڙو ، عبدالڪريم چشتي: مولانا عبدالڪريم ولد عبدالله ابڙو ” چشتي “ سن 1314ھ مطابق 1896ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو


1896.00.00  عيسوي

ابڙو ، عبدالڪريم چشتي: مولانا عبدالڪريم ولد عبدالله ابڙو ” چشتي “ سن 1314ھ مطابق 1896ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو


1964.00.00  عيسوي

ابڙو ، عبدالڪريم چشتي 1964ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آصف قاضي
سيٺ طيب علي علوي
بچايو رند
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
ديو اُڌارام ناٿاڻي
ڪي بي رند
درويش راڄو ستيو دل
شيخ سليمان سيفي سنڌي
شيخ عزت ﷲ ٺٽوي
اجمل ساوند ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون