ابڙو غلام مصطفيٰ

ابڙو غلام مصطفيٰ: سنڌ جو هي فنڪار، غلام مصطفيٰ ابڙو شاھپورچاڪر ۾ پيدا ٿيو، 12 - 13 سالن جي عمر ۾ سنڌ جي قديمي ساز گهڙي (گهاگهر) وڄائڻ ۾ تمام گهڻي مھارت حاصل ڪئي. هن گهڙي وڄائڻ جو فن مرحوم علي بخش ڪوريءَ کان حاصل ڪيو. سندس چوڻ هو تہ وڄت ۾ ”لئي“ رکڻ وڏي اھم ڳالھه ٿئي ٿي. وڄت جا ڪيترائي ”تار“ مشھور آھن، جن مان ”ڪلواڙو“ وڄائڻ سولو ۽ ”ڌادرو“ ۽ ”تين تار“ ڏکيو آھي، مگر ھو انھن تارن کي بہ وڄائي ويندو آهي، ھن سنڌ جي ناميارن ۽ سريلن ڳائڻ سان گڏ گهڙو وڄايو آھي، جن مان استاد منظور علي خان، عابدہ پروين، وحيد علي، مصري خان جمالي ۽ جلال چانڊيو قابل ذڪر آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو