ابڙو وريل فقير

ابڙو، وريل فقير: وريل فقير ولد حمل خان 1842ع ڌاري ڳوٺ ڏتل ابڙي تعلقي قمبر، اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، سندس وڏا اصل ۾ ڀاڳناڙيءَ جا رھاڪو ھئا. وريل ننڍي ھوندي مال چاريندو ھو ۽ جهنگ جهر ۾ سريلي آواز ۾ ڪافيون ڳائيندو ھو. انھيءَ زماني ۾ ڳوٺ ڏتل ابڙي ۾ ھڪ درويش ڏني فقير، جيڪو پاڻ شاعري ڪندو ھو، اچي پنھنجو آستانو اڏيو، وريل فقير ڏني فقير جا بيت ۽ ڪافيون ڳائيندو ھو، جڏھن ڏني فقير، وريل جي واتان پنھنجا شعر بيحد سريلي آواز ۾ ٻڌا تہ بيحد متاثر ٿيو ۽ وريل کي دل سان دعا ۽ داد ڏنائين. وريل فقير بہ ڏني فقير کان متاثر ٿيو ۽ درويش ڏني کي پنھنجو مرشد تسليم ڪيائين. ان بعد محفلون منعقد ٿيڻ لڳيون ۽ اوري پري جا ڪيئي فقير، صوفي، سالڪ، راڳي ۽ ڳائڻا وقت بوقت فقير سان ملڻ ۽ وحدت جي واٽ پڇڻ لاءِ پيا ايندا ھئا، ان کان علاوہ وقت جا مشھور گويا بہ وٽس ايندا ھئا. پاڻ جھان گشتي بہ ڪيائين، اڪثر پيدل سفر ڪندو ھو. قلندر لال شھباز جي درگاھ تي بہ حاضري ڏيندو رھيو. سندس شاعري بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آھي. ھن سنڌيءَ کان علاوہ سرائڪيءَ ۾ پڻ ڪلام چيو. وريل فقير 7 صفر 1338 ھجري مطابق 1919ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1842.00.00  عيسوي

ابڙو ، وريل فقير: وريل فقير ولد حمل خان 1842ع ڌاري ڳوٺ ڏتل ابڙي تعلقي قمبر ، اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو ،


1919.00.00  عيسوي

وريل فقير 7 صفر 1338 ھجري مطابق 1919ع تي وفات ڪري ويو .


1338.02.07  هجري

وريل فقير 7 صفر 1338 ھجري مطابق 1919ع تي وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امتياز قاضي
حاجي شاھہ محمد بلوچ
ايشوريا راءِ
سجاد علي شاھہ جسٽس
عاشر عظيم
ابراهيم بن محمد صلي ﷲ عليہ وسلم
پنھل خان چانڊيو
ڄام ساقي
جميل الزمان جميل مخدوم
سيد غوث حسين شاھہ 1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون