ڪمال اتاترڪ

ڪمال اتاترڪ

اتا ترڪ ڪمال

اتا ترڪ ڪمال: جديد ترڪيءَ جو باني ڪمال اتا ترڪ، جنهن ترڪيءَ ۾ سيڪيولر نظام رائج ڪيو ۽ ترڪيءَ جو پهريون صدر بہ ٿيو. ڪمال اتا ترڪ جو اصلي نالو غازي مصطفيٰ ڪمال هو. هن جي والد جو نالو علي رضا آفندي هو جيڪو ترڪ فوج ۾ هوندو هو، ۽ هو 1881ع ۾ ترڪيءَ جي سالونيڪا صوبي ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ بہ فوج ۾ نوڪري ڪيائين. هن کي شروع کان ملڪ جي سياسي معاملن ۾ دلچسپي هئي. سلطان عبدالحميد جي حڪومت خلاف باغيانه سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ڪري جيل بہ ڪاٽيائين. ان کان پوءِ اناطوليا ۾ قوم پرست جماعتن ۽ فوج کي منظم ڪري ملڪ مان پراڻي حڪومتي نظام کي ختم ڪرڻ جو عزم ڪيائين، فوج ۾ ترقي ڪندو 1916ع ۾ جرنل جي عهدي تي پهتو. پهرين عالمي جنگ جي خاتمي تي ترڪيءَ جي سلطان وحيدالدين، مصطفيٰ ڪمال کي ترقي ڏني. 1920ع ۾ انگورا ۾ ترڪيءَ جي پهرين اسيمبليءَ جو صدر چونڊيو. 1921ع کان 1922ع ڌاري يونانين کي اناطوليا مان نيڪالي ڏيارڻ تي کيس ”غازي پاشا“ جو لقب مليو. 1923ع ۾ ترڪيءَ مان عثماني خلافت جي خاتمي جو اعلان ڪيائين ۽ ترڪيءَ ۾ جمهوريت جو اعلان ڪيائين ۽ ائين پاڻ ترڪيءَ جو صدر بڻيو ۽ عصمت پاشا وزيراعظم. 1934ع ۾ ترڪ قوم کيس اتاترڪ جو لقب ڏنو جنهن جي معنيَ آهي ”ترڪ قوم جو ابو “ هن جي دور حڪومت ۾ هن ترڪي ٻوليءَ کي عربي رسم الخط جي جاءِ تي رومن رسم الخط ڏنو، قرآن شريف کي پڻ عربي ٻوليءَ بدران ترڪيءَ ۾ رائج ڪيائين. نماز ۾ خطبو بہ عربيءَ بدران ترڪيءَ ۾ ڏيڻ جو حڪم ڪيائين. هجري سن بدران عيسوي سن رائج ڪيائين. ائين هن ترڪي قوم پرستيءَ کي رواج ۾ آندو. ڪمال اتا ترڪ 1938ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1881.00.00  عيسوي

۽ هو 1881ع ۾ ترڪيءَ جي سالونيڪا صوبي ۾ ڄائو هو .


1938.00.00  عيسوي

ڪمال اتا ترڪ 1938ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فضل محمد حـڪـيم
انور جوکيو
قاضي عبدالرسول
بيگم طاهرہ آغا
ادريس محمد صديق
حڪيم شيخ محمد بکري
روي شنڪر پنڊت
غلام جيلاني برق
محمد وريل سومرو
رحيم بخش بدوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون