اتر ڪوريا

اتر ڪوريا

اتر ڪوريا

اتر ڪوريا (North Korea ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو (Democratic Peoples Republic of Korea) آهي. قديم سلطنت ڪوريو (Koryo) جي مناسبت سان ان کي ڪوريا سڏيو ويو. هي اتر اوڀر ايشيا جو ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ چين، اتر اوڀر ۾ روس، اوڀر ۾ جاپاني سمنڊ، ڏکڻ ۾ ڏکڻ ڪوريا ۽ اولھہ ۾ پيلو سمنڊ (Yellow Sea) آهن. اتر ڪوريا، ٻيٽ نما ڪوريا جي اترئين حصي تي ٻڌل هڪ جابلو ملڪ آهي. جنهن جي ڪل پکيڙ 122098 چورس ڪلوميٽر (47130 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 20 لک آهي. گاديءَ جو هنڌ پيانگ يانگ (Piyong Yong) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ پائي ڪتوسان (بلندي 2744 ميٽر) آهي هتان جي سرڪاري ٻولي ڪورين آهي. موسم گرمين ۾ گرم ۽ گهميل پر خوشگوار هوندي آهي، جڏهن تہ سياري ۾ سخت سيءُ پوندو آهي. اتر ڪوريا جي مکيہ زرعي پيداوار چانور، مڪئي، جَوَ، پٽاٽا، جوئر، ڪڻڪ، صوف، مٺا پٽاٽا، سورج مکي، ڀاڄيون ۽ ميوا آهن، هتان جي مکيہ صنعتن ۾ مشينري، آبي توانائي، ڪيميائي شيون، فولاد، ڪپڙو، سيمنٽ، پيٽروليم جي صفائي ۽ ايلومينيم آهن ۽ مکيہ معدنيات ۾ ڪوئلو، لوھہ، گرينائيٽ، پيٽروليم، شيهو، نڪل، ٽنگسٽن، جست، سون، چاندي، ٽامو، زنڪ ۽ موليبڊ نيم شامل آهي.
ڪوريا جي رياست جي پيڙھہ 2400 ق. م ۾ هڪ حڪمران تنگول جي هٿان پئي، هن سلطنت جو نالو چوزن (Chosen) ”پرھہ ڦٽيءَ جي آسودگي“ رکيو، ڪوريائي ماڻهو ان کي تائي هان (Tai Han) چوندا هئا. هتي هزارين سال اڳ وچ ايشيا جي قبيلن جا ماڻهو اچي آباد ٿيا. ڪوريا جو پهريون بادشاھہ ٽانڪون هو، جنهن ڪوريا تي ڪيترائي سال حڪومت ڪئي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪوريائين کي پنھنجي 4300 سال اڳ جي تاريخ تي وڏو فخر آهي. ڪوريا جا اصل رهواسي منگولن ۽ قازقن جي نسل مان ٻڌايا وڃن ٿا. ڇهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري سلطنت سيلا ڏاکڻيئن ڪناري جي رياست ڪايا (Kaya) کي فتح ڪيو. چوٿين صديءَ ۾ ٻڌمت ڦهليو، جيڪو ڇهين صديءَ ۾ طاقتور ۽ مضبوط حيثيت اختيار ڪري ويو. اوڻويهين صديءَ ۾ ڪوريا تي قابض ٿيڻ لاءِ چين ۽ جاپان وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ شروع ٿي. 95-1894ع جي چين جاپان ويڙھہ کانپوءِ 17 اپريل 1895ع تي ڪوريا جي ڌار وجود ۽ آزاديءَ کي تسليم ڪيو ويو. چين کانپوءِ، 1905ع ۾ جاپان روس کي بہ شڪست ڏني، جنهن سان هن جا حوصلا وڌيا. 1948ع ۾ ڪوريا کي ٻن حصن اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ ورهايو ويو. اتر ڪوريا جي گاديءَ جو هنڌ پيانگ يانگ قرار ڏنو ويو. 1948ع جي آخر ۾ روسي فوجون ملڪ مان نڪري ويون. اتر ڪوريا هڪ مضبوط سوشلسٽ حڪومت آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ، سڀني انتظامي اختيارن جو مالڪ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 8 سيپٽمبر 1948ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 1991ع کان اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.09.08  عيسوي

هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 8 سيپٽمبر 1948ع آهي



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آسٽريليا
سنگاپور
ترڪي
پيرو
روانڊا
بحرين
پٽ ڪينئون
افغانستان
ترڪمانستان
چَيڪ جمهوريه
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون