اجتو فقير راڄڙ

اجتو فقير راڄڙ: اِجتو پٽ شاھہ محمد راڄڙ، پاڙو ٻالو ڪلاڻي، ويٺل لڳ ڪنگور، تعلقو شاھہ ڳڙھہ، رياست جيسلمير، مير علي مراد جي وقت جو سگهڙ شاعر هو. لکمير فقير ۽ اجتو فقير ٻئي همعصر هئا. اجتو فقير جناب مخدوم صاحب هالن واري جو مريد هو ۽ انهيءَ لحاظ سان پنھنجي بيتن ۾ ’سرور شاھہ‘ جو نالو آندو اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو