
خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار

اجمير جو نقشو - گگل ميپز

خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار

خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار
اَجمير / اجمير: راجستان (ڀارت) جو هڪ شھر ۽ علائقو. اجمير شھر جو بنياد راجپوت راجا اجيه چوهاڻ 1100ع جي دور ۾ رکيو. هيءُ شھر شھاب الدين غوريءَ 1192ع ۾ فتح ڪيو. شهنشاھہ اڪبر پنھنجي شروعاتي سالن ۾ اجمير کي پنھنجي مملڪت ۾ شامل ڪيو. هن اجمير ۾ هڪ قلعو ۽ محلات ٺهرايو، جنهن کي هاڻي ڀارتي سرڪار ميوزيم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڪبر بادشاھہ ننڍي کنڊ جي مشھور صوفي اولياءَ خواجہ معين الدين چشتيءَ جي مزار جي زيارت لاءِ گهڻائي ڀيرا سفر ڪيو. اجمير جو شھر اهم زيارت گاھہ آهي.
اجمير پنھنجي اسلامي آثارن، عمارتن خاص ڪري حضرت خواجہ
معين الدين چشتيءَ جي مقبري کان مشھور آهي. اُهو مقبرو مالوا جي سلطانن 1455ع جي لڳ ڀڳ تعمير ڪرايو هو. جيتوڻيڪ ٻيون عمارتون پوءِ ٺهيون، جن ۾ ٻہ مسجدون، اڪبر ۽ شاھجھان جون ٺهرايل آهن، هڪڙي عمارت اڍائي ڏينهن جو جهوپڙو آهي، جيڪا دراصل درسگاھہ هئي، جنهن کي پوءِ مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو. ٻيون تاريخي جايون، جن ۾ اڪبر جو ٺهرايل ’قلعو بند قصر‘، جھانگير جو ٺهرايل باغ ۽ شاھجھان جي اڏايل اناساگر جي بند تي واقع ’مرمري ڪوشڪ‘ شامل آهن.
سنڌ جي حڪمرانن توڙي عام عقيدتمندن پڻ اجمير شھر ۾ ڪندوريءَ جون ديڳيون، اوطاقون ۽ اوتارا درگاھہ جي لاءِ وقف ڪيا، جن مان مشھور ڪافي گو شاعر مصري شاھہ جو نالو قابل ذڪر آهي. ان کان سواءِ ڪيترا عقيدتمند هرسال سالياني عرس جي موقعي تي اجمير شريف ويندا رهندا آهن.
سنڌ جو مرد مجاهد ۽ تحريڪ خلافت جو اڳواڻ بئريسٽر جان محمد جوڻيجو بہ اجمير جي درگاھہ جي ڀر ۾ دفن آهي.
wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/Ajmer
1100.00.00 عيسوي
اَجمير / اجمير: راجستان ( ڀارت ) جو هڪ شهر ۽ علائقو . اجمير شهر جو بنياد راجپوت راجا اجيه چوهاڻ 1100ع جي دور ۾ رکيو .
1192.00.00 عيسوي
اجمير: هيءُ شهر شهاب الدين غوريءَ 1192ع ۾ فتح ڪيو . شهنشاهه اڪبر پنهنجي شروعاتي سالن ۾ اجمير کي پنهنجي مملڪت ۾ شامل ڪيو .