اجيب 1

اجيب 1 (Ajaib-I): پوئين تھذيب '>سنڌو تھذيب (Late Harappan Period) جو هيءُ ماڳ هندستان جي ميهام شھر کان 20 ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف، 2907'15'' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 7630'25'' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، ڳوٺ اجيب کان 500 ميٽرن جي پنڌ تي اجيب- پسني روڊ تي، اجيب ڳوٺ جي اتر ۾ موجود آهي. مقامي طور هن ماڳ کي ‘کيراجي’ نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن ماڳ کي موجودہ دور ۾ سم ۽ ڪلر وڪوڙي ويو آهي. ماڳ ٻن هيڪٽرن تي پکڙيل آهي. ماڳ جي چوڌاري پوکون ٿيل آهن. سڄي دڙي تي ٺڪراٺو (PWG) پکڙيل آهي، جيڪو پوئين سنڌو تھذيب واري ٺڪراٺي ۽ ڀوري چٽيل ٿانون سان ڀريل آهي. ٿانون جي ٽڪرن ۾ وڏا ٿانو، گندڙا، پيالا، پاٽوڙا، ٿالهيون وغيرہ شامل آهن. هتان ڪجهہ مڻيا بہ مليا آهن. هتي ڪل ٻہ دڙا آهن، ٻيو دڙو وچين تاريخي دور سان واسطو رکي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو