
احد جبل
اُحد جبل: هي عربستان جو هڪ مشھور جبل آهي، جيڪو حضرت هارون جي تربت ۽ احد جي جنگ سبب مشھور آهي. احد جبل مديني کان اُتر طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن ئي جبل جي ڏاکڻي واديءَ ۾ 3ھہ/625ع ۾ مسلمانن ۽ قريشن جي وچ ۾ ’اُحد واري جنگ‘ لڳي هئي، جنهن کان پوءِ هيءُ جبل وڌيڪ مشھور ٿيو. هن جبل کي ”جبل الرمان“، ”جبل العين“ يعني ٻن اکين وارو جبل بہ چوندا آهن. پهريون نالو ان ڪري پيس، جو نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم هن ٽڪريءَ تي احد واري جنگ ۾ تير انداز مامور ڪيا هئا ۽ ٻيو نالو شايد ان ڪري پيس، جو هن جبل جي اُترئين دامن ۾ ٻہ چشما موجود آهن. هن جبل جي ڊيگهہ 3 ميل آهي، ۽ هتي حضرت حمزہ جي قبر بہ موجود آهي.
0625.00.00 عيسوي
هن ئي جبل جي ڏاکڻي واديءَ ۾ 3هه/625ع ۾ مسلمانن ۽ قريشن جي وچ ۾ ’ اُحد واري جنگ ‘ لڳي هئي ، جنهن کان پوءِ هيءُ جبل وڌيڪ مشهور ٿيو
0003.00.00 هجري
هن ئي جبل جي ڏاکڻي واديءَ ۾ 3هه/625ع ۾ مسلمانن ۽ قريشن جي وچ ۾ ’ اُحد واري جنگ ‘ لڳي هئي ، جنهن کان پوءِ هيءُ جبل وڌيڪ مشهور ٿيو