
احسان دانش ڀٽو
احسان دانش ڀٽو: پروفيسر احسان ﷲ عرف احسان دانش ولد حبيب ﷲ مولا بخش ڀٽو 29 آگسٽ 1942ع تي شڪارپور ۾ ڄائو، هن جي تعليم ايم. اي. ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان اسلاميات جو پروفيسر هو، جتان آگسٽ 2002ع ۾ رٽائر ٿيو. احسان دانش جو تعلق علمي ادبي گهراڻي سان هو، سندس ڏاڏو مولا بخش ’مسڪين‘ ڀٽو بيت جو وڏو شاعر هو سندس والد حبيب ﷲ مولا بخش ڀٽو بہ هڪ سٺو شاعر ۽ مشھور اديب ٿي گذريو آهي، ان ڪري خانداني اثر هيٺ احسان ﷲ دانش کي بہ ادب ڏانهن لاڙو ٿيو ۽ 1953ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ڪيترا اهم مضمون جھڙوڪ: ’شڪارپور جو ماضي ۽ مستقبل‘، ’رحمت اللعالمينصه‘، ’Ethic of Holy Prophet‘، ’هجري سن‘ ۽ ’سکر دريا‘ وغيرہ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن ’تعليم‘ اخبار بہ جاري ڪئي، جنهن جو پهريون پرچو 14 آگسٽ 1958ع تي نڪتو ۽ ان جا ڪل ٽي پرچا نڪتا. ان کانپوءِ آڪٽوبر 1986ع کان اها اخبار ’تعليم سلسلو‘ مئگزين جي صورت ۾ نڪرڻ لڳي، جنهن جا اٺ پرچا نڪتا. بعد ۾ جون 1989ع کان اهو سلسلو ’سرهاڻ پبليڪيشن شڪارپور‘ جي نالي سان شروع ڪيائين، جنهن جا چار پرچا نڪتا هئا. پروفيسر احسان ﷲ ڀُٽي 27 جون 2010ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪئي.
1942.08.29 عيسوي
احسان دانش ڀٽو 29 آگسٽ 1942ع تي شڪارپور ۾ ڄائو
2010.06.27 عيسوي
احسان الله ڀُٽي 27 جون 2010ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪئي