احسان رضا

احسان رضا

احسان رضا

احسان رضا: ڪھاڻيڪار، شاعر، ترجمي نگار، ڪالم نگار، پبلشر، ايڊيٽر، گرافڪس ڊزائينر ۽ فري لانسر احسان رضا عرف احسان آڪاش ولد غلام رضا گاڏهي 27 جنوري 1982ع تي ڳوٺ چؤٻار شريف، تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ ضلعي دادو ۾ ڄائو، هن لکڻ جي شروعات 2002ع کان نثر سان ڪئي. سندس لکيل پھرين ڪھاڻي ’کليل اکين جا سپنا‘ هالار ڊائجسٽ شايع ٿي. 2017ع کان احساس پبليڪيشن حيدرآباد سان سلھاڙيل آهي، جتي سندس ادارت ۾ هن وقت تائين 65 ٽائيٽل شايع ٿي چڪا آهن. ان کانسواءِ 2018ع کان 2021ع تائين ’احساس‘ مئگزين جي ايڊيٽر طور 36 پرچا پڻ شايع ڪري چڪو آهي. هن وقت ’احساس‘ مئگزين ڊجيٽل طور شايع ٿي رهيو آهي. هي احساس ٽي وي ويب چينل کي 2020ع کان پڻ هلائيندو اچي، جتان هي 200 کان وڌيڪ پروگرام ڪري چڪو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’شاعريءَ جو آڪاش‘ (شاعري)، ’صحرا منجهہ صدا‘ (شاعري)، ’ننڊ جا نيڻ‘ (شاعري)، ’نظمن جو ديس‘ (شاعري)، ’عڪس جانان هم‘ (اردو شاعري)، ’سپنن جو پڌر‘ (ڪھاڻيون)، ’احساس نگر‘ (ڪھاڻيون)، ’آڪاش منھنجي ٻڪ ۾‘ (ڪھاڻيون)، ’ڀڃ ڊاھہ‘ (نثري ٽڪرا)، ’شگفتہ‘ (ساره شگفتہ جي سوانح حيات، ترجمو)، ’جسم فروشي جي تاريخ‘ (ترجمو) ۽ ’عشق نا تمام‘ (منٽو جي ناول جو ترجمو) شامل آهن.


لفظ احسان رضاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.01.27  عيسوي

شاعر، ترجمي نگار، ڪالم نگار، پبلشر، ايڊيٽر، گرافڪس ڊزائينر ۽ فري لانسر احسان رضا عرف احسان آڪاش ولد غلام رضا گاڏهي 27 جنوري 1982ع تي ڳوٺ چؤٻار شريف، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادو ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شير محمد قريشي
بسنت ڪمار تياڳي
باشو 1
سائر مزمل هاليپوٽو
ڪامران جيلاني
مراد علي شر
دانتي
سيد ضياءُالدين ضيا ٺٽوي
خادم رفيقي
امداد علي سھتو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون