احسن الهاشمي

احسن الهاشمي

احسن الهاشمي

احسن الهاشمي: احسن الهاشمي، سنڌي غزل جو اهم شاعر ٿي گذريو آهي، سندس اصل نالو سيد حسن علي شاھہ ولد مٺن شاھہ هو ۽ پاڻ مٽياروي سيدن جي اجناڻي پاڙي مان آهي، جن جي نسب جو سلسلو حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام سان ملي ٿو. 23 سيپٽمبر 1923ع تي حيدرآباد شھر جي ٽنڊي مير نورمحمد، لڳ گدو بندر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گدوبندر پرائمري اسڪول ۾ ورتائين، ان کان پوءِ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد، اوريئنٽل ڪاليج امرتسر ۽ درسگاھہ ’عالم نزاد جاشڪ‘ ايران ۾ حاصل ڪيائين.
شاعريءَ ۾ اول وڏي ڀاءُ سيد حيدرشاھہ ’حيدر‘ سندس رهنمائي ڪئي ۽ پوءِ طالب الموليٰ سائينءَ جي صحبت، رفاقت ۽ همت افزائي ساڻس شامل حال رهي. سندس شاعري اعليٰ پايي جي آهي. 43- 1942ع واري دور ۾ پهريائين خاڪسار تحريڪ ۽ پوءِ مسلم ليگ حيدرآباد شھر جي نئشنل گارڊ جو سالار اعليٰ رهيو. شاھہ لطيف جو وڏو پارکو هو.
آخري وقت شاعريءَ جو شغل گهٽ، زمينداريءَ ڏانهن زياده لاڙو رکيائين، سندس ڪلام جو وڏو حصو ضايع ٿي ويو. ڪجهہ ڪلام هِتان هُتان هٿ ڪري تاج جويي ”سُڪل وڻ صحرا جو“ عنوان سان ترتيب ڏنو آهي ۽ ڇپائيءَ هيٺ آهي. پٽن جي غيرطبعي موت جي صدمي کيس ضعيف ۽ هيڻو ڪري ڇڏيو. آخر ۾ اکين کان بہ وڏو ٿي ويو. دل جي باءِ پاس بہ ڪرايائين. 24 جنوري 2007ع تي وفات ڪيائين.


لفظ احسن الهاشميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.09.23  عيسوي

احسن الهاشمي: 23 سيپٽمبر 1923ع تي حيدرآباد شهر جي ٽنڊي مير نورمحمد ، لڳ گدو بندر ۾ ڄائو


2007.01.24  عيسوي

احسن الهاشمي: 24 جنوري 2007ع تي وفات ڪيائين .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد بيگ اسد مرزا
بھاؤالدين
سورج سجاولي
غلام حسين مير چانڊيو
اٻوجهو الھہ بخش
راز شيخ عبدالرزاق
پروانو ميراجي
غلام نبي اداسي
ڀاون علي شاھہ
مير علي نواز خان ٽالپر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون