حافظ محمد احسن چنا

حافظ محمد احسن چنا

احسن حافظ محمد چنا

احسن حافظ محمد چنا: سنڌيءَ جو مشهور شاعر ۽ صحافي، جنهن جو عروضي شاعرن ۾ اعليٰ مقام آهي. حافظ صاحب جي والد جو نالو جمعا خان هو، پاڻ ڳوٺ ملڪاڻي شريف ضلعي دادوءَ ۾ 1900ع ۾ جنم ورتائين. سنڌي، فارسي ۽ عربي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ قرآن شريف حفظ ڪيائين. ڪجهه وقت پنهنجي قائم ڪيل مدرسي ۾ درس تدريس جو ڪم ڪيائين. 1921ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. حافظ صاحب گهڻو ڪري هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. نثر ۾ به ڪافي ڪتاب لکيائين، جن مان ”سچن تي ستم“،”سوانح مخدوم بلاول باغباني“،”شاهه جو پيغام“ ۽ ”قصص الانبياء“ وڌيڪ مقبول ٿيا. سندس شاعريءَ جي ڪتابن ۾ ”ديوان احسن“، ”گلزار شعر“، ”احسن الاخلاق“، ”رباعيات احسن“ ۽ ”گلدستهءِ حسن“ مشهور آهن. حافظ صاحب نامور صحافي هو. دادوءَ ۾ هڪ پريس قائم ڪري ”هفتيوار ”آواز سنڌ“ اخبار کي تاحيات جاري رکيائين. حافظ صاحب جي شاعري اخلاقي، ادب ۽ علم جي موضوعن تي مشتمل آهي. رباعيءَ جو قادر الڪلام شاعر هو. 1986ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.00.00  عيسوي

احسن حافظ محمد چنا: سنڌيءَ جو مشهور شاعر ۽ صحافي، جنهن جو عروضي شاعرن ۾ اعليٰ مقام آهي. حافظ صاحب جي والد جو نالو جمعا خان هو، پاڻ ڳوٺ ملڪاڻي شريف ضلعي دادوءَ ۾ 1900ع ۾ جنم ورتائين.


1986.00.00  عيسوي

حافظ صاحب جي شاعري اخلاقي، ادب ۽ علم جي موضوعن تي مشتمل آهي. رباعيءَ جو قادر الڪلام شاعر هو. 1986ع ۾ وفات ڪيائين.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دانتي
زنگيجو خدا بخش فقير
غلام مصطفي سولنگي 1
عـبـدالله وريـاهه
ڀرڳڙي مشتاق
رفيق امروٽي
اسلم علوي اسلم
ڀڳوانداس مهاراج
باغ علي خان خائف
پلي سالار
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون