حافظ محمد احسن چنا

حافظ محمد احسن چنا

احسن حافظ محمد چنا

احسن حافظ محمد چنا: سنڌيءَ جو مشھور شاعر ۽ صحافي، جنهن جو عروضي شاعرن ۾ اعليٰ مقام آهي. حافظ صاحب جي والد جو نالو جمعا خان هو، پاڻ ڳوٺ ملڪاڻي شريف ضلعي دادوءَ ۾ 1900ع ۾ جنم ورتائين. سنڌي، فارسي ۽ عربي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ قرآن شريف حفظ ڪيائين. ڪجهہ وقت پنھنجي قائم ڪيل مدرسي ۾ درس تدريس جو ڪم ڪيائين. 1921ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. حافظ صاحب گهڻو ڪري هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. نثر ۾ بہ ڪافي ڪتاب لکيائين، جن مان ”سچن تي ستم“،”سوانح مخدوم بلاول باغباني“،”شاھہ جو پيغام“ ۽ ”قصص الانبياء“ وڌيڪ مقبول ٿيا. سندس شاعريءَ جي ڪتابن ۾ ”ديوان احسن“، ”گلزار شعر“، ”احسن الاخلاق“، ”رباعيات احسن“ ۽ ”گلدستهءِ حسن“ مشھور آهن. حافظ صاحب نامور صحافي هو. دادوءَ ۾ هڪ پريس قائم ڪري ”هفتيوار ”آواز سنڌ“ اخبار کي تاحيات جاري رکيائين. حافظ صاحب جي شاعري اخلاقي، ادب ۽ علم جي موضوعن تي مشتمل آهي. رباعيءَ جو قادر الڪلام شاعر هو. 1986ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.00.00  عيسوي

احسن حافظ محمد چنا: سنڌيءَ جو مشهور شاعر ۽ صحافي، جنهن جو عروضي شاعرن ۾ اعليٰ مقام آهي. حافظ صاحب جي والد جو نالو جمعا خان هو، پاڻ ڳوٺ ملڪاڻي شريف ضلعي دادوءَ ۾ 1900ع ۾ جنم ورتائين.


1986.00.00  عيسوي

حافظ صاحب جي شاعري اخلاقي، ادب ۽ علم جي موضوعن تي مشتمل آهي. رباعيءَ جو قادر الڪلام شاعر هو. 1986ع ۾ وفات ڪيائين.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بھرو ڇاٻڙيا بيوطن
احمد علي شاھہ
ابو البقا ملا ٺٽوي
اڪبر بجير ٿري
الانا جي
دادو ديال
اٻوجهو الھہ بخش
ڏاهري عبدالرحيم
عبدالحميد شھيد
خواجہ محمد زمان لنواريءَ وارو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون