احمد شاڪر

احمد شاڪر

احمد شاڪر

احمد شاڪر: نوجوان شاعر، مترجم ۽ نثر نويس احمد شاڪر جو پورو نالو احمد علي گائنچو آهي. 5 فيبروري 1997 تي مڪي (سعودي عرب) ۾ محمد خان گائنچي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ احمد شاڪر جي تعليم ايم. اي (سنڌي ادب) ۽ بي ڪام آهي. هن 2014ع کان لکڻ شروع ڪيو، پاڻ سٺو شاعر، نثر نويس ۽ مترجم آهي. هن وقت تائين سندس 6 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ ”قديم دور جون عظيم فلسفي عورتون“ (ترجمو: 2018ع)، ”ڪوتا جي ڪلا“ (جڳ مشھور ڪتاب ”پوئٽڪ“ جو سنڌي ترجمو 2018ع)، ”هڪ نظر هيڏانھن به“ (مضمون: 2019ع)، ”پور وڇوٽ پاڇا“ (خط: 2020ع)، ”ڪڙو منجھه ڪڙي“ (خط: 2020ع)، ”چچريل لاش“ (ناول:2021ع) شامل آهن. ان کان سواءِ پاڻ نوجوان شاعر رحمت سومري سان گڏ ”ابابيل“ نالي سان ڪتابي سلسلو جاري ڪندو اچي.


لفظ احمد شاڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1997.02.05  عيسوي

احمد شاڪر جو پورو نالو احمد علي گائنچو آهي. 5 فيبروري 1997 تي مڪي (سعودي عرب) ۾ محمد خان گائنچي جي گهر ۾ جنم ورتو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي طالب
آسي زميني
پرسرام مشتري ڀاٽيا
احسان علي
ڀوَپوُتي
بشير سيتائي
انور علي شاهه
بدر قريشي
روشن تبسم
دبير مرزا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون