
احمد آباد

احمد آباد

احمد آباد
احمد آباد2: هيءُ ڀارت جي گجرات رياست جو هڪ شھر آهي، هن شھر جو بنياد گجرات جي مسلمان حاڪم سلطان احمد شاھہ 1511ع ۾ وڌو هو. 1572ع ۾ هن شھر تي مغل حڪمران اڪبراعظم قبضو ڪيو. وقت سان گڏ هن شھر جو عروج ۽ زوال ٿيندو رهيو. 1960ع ۾ هيءُ شھر گجرات رياست جو عارضي گاديءَ جو هنڌ بڻيو. احمد آباد ڀارت جو اهم صنعتي مرڪز آهي. خاص طور تي هتي جي ڪاٽن انڊسٽري مشھور آهي. 61-1959ع ۾ هتي سڀ کان پهرين ڪاٽن فيڪٽريون لڳايون ويون هيون. احمد آباد جي ’سھج پور بوگا‘ علائقي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مشھور عالم، گنگارام سمراٽ رهندو هو، جنهن ’ڀارت ورش‘، ’آريا ورت‘، ’سنڌو سو وير‘، ’موهن جو دڙو‘، ’نئون چچ نامو‘، ’گهر گرهست‘، ’اسان کي متان وساريو‘ ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب لکيا آهن. سندس ڪتاب ”اسان کي متان وساريو“ لغت جي وساريل لفظن تي مشتمل آهي. جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 1999ع ۾ ڇپايو آهي. سنڌيءَ جا ڪيترا نامور شاعر ۽ اديب واسديو موهي، ارجن حاسد، هوندراج بلواڻي ۽ گوبند خوشحالاڻي احمد آباد ۾ رهن ٿا. هتي سنڌي ادب ۽ سنڌيت جا ڪيترا مرڪز موجود آهن.
wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/Ahmedabad
wiki Travel
http://wikitravel.org/en/Ahmedabad
1511.00.00 عيسوي
احمد آباد2: هيءُ ڀارت جي گجرات رياست جو هڪ شهر آهي ، هن شهر جو بنياد گجرات جي مسلمان حاڪم سلطان احمد شاهه 1511ع ۾ وڌو هو
1572.00.00 عيسوي
1572ع ۾ هن شهر تي مغل حڪمران اڪبراعظم قبضو ڪيو .