احمد ابراهيم

احمد ابراهيم: سريلي راڳي ماسٽر محمد ابراهيم جو پٽ آهي. هو ڪراچيءَ ۾ 1949ع ڌاري پيدا ٿيو. راڳ کيس ورثي ۾ مليو. ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ شروع ڪيائين. پهرين پنھنجي پيءُ سان گڏ محفلن ۾ ڳائڻ ويندو هو، پوءِ 1965ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي آڊيشن ڏنائين ۽ پاس ٿي ويو. ريڊيي تي کيس ان وقت جي ميوزڪ پروڊيوسر خواجہ امداد عليءَ متعارف ڪرايو. احمد ابراهيم جا ڪيترائي ڪلام رڪارڊ ٿيا، سندس انداز هوبهو پيءُ جهڙو آهي. هن پاڪستان ٽيليويزن تي بہ ڳايو. سنڌي، اردو، گجراتي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ ڪلام ڳايائين. سنڌيءَ ۽ گجراتيءَ ۾ سندس آڊيو ڪيسٽون بہ رڪارڊ ٿيون.’احمد ابراهيم‘ جو اصل نالو محمد صديق احمد آهي، پر راڳ جي دنيا ۾ پنھنجي پيءُ جي نالي سان ’احمد ابراهيم‘ سڏائي مشهوري ماڻيائين.


لفظ احمد ابراهيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.00.00  عيسوي

احمد ابراهيم: سريلي راڳي ماسٽر محمد ابراهيم جو پٽ آهي . هو ڪراچيءَ ۾ 1949ع ڌاري پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مقبول احمد شيخ
ايبڪ
راڻو ارجن ۽ بجار جوکيو
تاج جويو
رتي ٻائي
جھانگير خان
اٽل رام سوامي
شيرين جناح
چانهيو محمد هاشم
فاروق ستار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون